Tuesday , April 16 2024

سنڌ جي 18هزارن کان وڌيڪ اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه ٿو ملي،بنيادي سهولتن به ناهن: سيڪريٽري تعليم

ڪراچي ( اصغر آزاد – سنڌ سماءَ چار) تعليم کاتي جي سيڪريٽري اقبال دراني ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته، سنڌ جي 18 هزارن کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ لکين ٻارڙن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا نه ٿو ڪيو وڃي. سنڌ ۾ قائم 41 هزار 769 اسڪولن مان 18 هزار 39 اسڪولن ۾ شاگردن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ٿو ملي. تعليم واري سيڪريٽري واٽر ڪميشن ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ صفائي سٿرائيءَ جي صورتحال به بهتر ناهي ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ سبب هر سال هڪ لک ٻار پهرين مهيني ۾ ئي اسڪول ڇڏي وڃن ٿا.

سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي واري ڪيس ۾ تعليم واري سيڪريٽري واٽر ڪميشن ۾ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ قائم 41 هزار 769 اسڪولن مان 18 هزار 39 اسڪولن ۾ شاگردن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به نٿو ملي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري اقبال دراني پنهنجي اقرار ۾ چيو آهي ته، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ صفائي سٿرائيءَ جي صورتحال به بهتر ناهي ۽ اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ سبب هر سال هڪ لک ٻار پهرين مهيني ۾ ئي اسڪول ڇڏي وڃن ٿا. تعليم واري سيڪريٽري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته صوبي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ باٿروم جي سهولت موجود ناهي ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بجلي نه هجڻ سبب شاگرد سخت ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا. تعليم واري سيڪريٽري پنهجي رپورٽ ۾ چيو ته اسڪولن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ جا ذميوار واٽر بورڊ، واسا، مڪاني ادارا ۽ چونڊيل نمائندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *