Thursday , March 28 2024

سنڌ جا اديب ، دانشور شاعر سنڌ ثقافت کاتي جا پي آر او بڻجي ويا آهن – سهيل ميمڻ

suhailسهيل ميمڻ

اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا توڙي اخبارن ۾سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ان جي وزير سيد سردار شاهه جي ڪارڪردگي بابت بحث هلي رهيو آهي۔ ان تي لکڻ کان اڳ سنگت کي ياد ڏياريندو هلجي ته هتي ڪو به مقدس ڍڳو ناهي۔ پبلڪ فنڊس جي استعمال وارو اختيار رکندڙ هر ماڻهون عوام ڏانهن جوابدار آهي پو ڀلي ڪيترو به سٺو ، وڏو شاعر هجي، ليکڪ هجي يا دوست هجي۔ منهجي پياري دوست اسحاق سميجو جيڪو هن وقت سنڌالاجي جو هيڊ آهي سوشل ميڊيا تي ، سردار شاهه صاحب جي حق ۾ لکندي ، کانس مهانگي ترين لاڙڪاڻو سيمينار جي بجٽ بابت پڇڻ وارن تي ڇوهه ڇنڊيندي وزير صاحب جي حمايت ۾ لکندي ، سندس پرفارمنس بيان ڪئي آهي۔ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته وزارت جي ڪمن توڙي وزير صاحب جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جو ڪم سندس کاتي ۾ ان ڪم لاءِ موجود ،پي ايس، پي اي ۽ پي آر او وغيرو ڇو نه ٿا ڪن، سنڌالاجي جي هيڊ ۽ ٻين دانشورن کي وزير صاحب جو ترجمان ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي۔ خبر ناهي ته الائي ڪهڙي مند آئي آهي، جو سنڌ جي ايڊوڪيٽ جنرل کان وٺي اسان جا ليکڪ ، دانشور پنهجن ڪمن (۽ جي نوڪري ۾ آهن ته انهن نوڪرين واري ڊيوٽي کان) هٽي ڪري حڪومت جي ترجماني ۾ ڇو لڳي ويا آهن ۽ ترجماني به اهڙي جو وزير اعلٰي چوي ٿو ته سڀ ٺيڪ ناهي، پر ايڊوڪيٽ جنرل اخبار ۾ مضمون ٿو لکي ته ” آل از ويل ” حالانڪه اهو سندس نوڪري جو ٽاسڪ به ناهي۔
ائين ئي اسحاق سميجو ڪيو آهي ۔هن لکيو آهي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اتفاق سان هو ( سردار شاه ) شاعر آهي ۽ لکڻ پڙهڻ واري قبيلي سان واسطو رکي ٿو۔ سڄي سنڌ اسيمبلي ۾ سردار، مير، پير، چڱا مڙس سالن کان ويٺا هئا، ويٺا آهن، سنڌ لٽيندا رهيا ۽ لٽين ويٺا…. انهن بابت هڪ به اکر نه ڳالهائيندڙ اسان جي بظاهر لکيل پڙهيل سنگت ان ئي شخص تي تهمتن جا تير برسائي رهي آهي، جنهن شايد پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي ۾ پير پاڳاري ۽ جي ايم سيد کي به سلام پيش ڪيو، ۽ جيئي سنڌ به چيو- رڳو ايترو ئي نه، ڇهن مهينن ۾ هڪ مئل ۽ لويل کاتي کي متحرڪ ۽ ڏسڻ جهڙو کاتو فقط بڻايو. عمرڪوٽ جو قلعو نئين سر پيو ٺاهي ۽ موهن جي دڙي تي شاندار عالمي ڪانفرنس ڪرائي اٿس۔۔۔۔۔۔ آهن۔ هڪ ٻي دوست لکيو آهي ته ماڻهون ساڻس کان جلن ٿا، ٻين لکيو آهي ته جن جا ڪم نه ٿا ٿين اهي پيا لکن۔ سئو کن اديبن لکيو آهي ته ” هي از گريٽ ”
اڳ سسئ پليجو جي دور ۾ ساڳيا لفظ ، ساڳيو علمي حلقو سسي لاءِ چوندو هو، هاڻي سردار شاه لاءِ لکيو اٿن۔ بهتر ٿي ها ته اسحاق، سردار شاه جي پرفارمنس تي فوڪس ڪري هاپر هن سردار شاه، سندس شاعري ۽ اسيمبلي ۾ جيئي سنڌ چئي سنڌ تي ٿورو ڪرڻ واري ڳالهه ڪري ” کانئس هر قسم جو پڇاڻو نه ڪيو” واري ڳالهه ڪئي آهي۔ ۔ مان جيڪي سندس بابت مارڪيٽ ۾ خبرون آهن انهن کي به ڇڏيان ٿو، موهن جي دڙي واري ميلي جون ( اندروني ڪهاڻيون خبر هجڻ باوجود ) ڇڏيون ٿا مان اها به ڳالهه ڇڏيان ٿو ته اڄڪلهه ثقافت کاتي جي ٿرڊ پارٽي ڪانٽريڪٽ ۾ 25 سيڪڙو فيس جا ڪهڙا معاملا آهن، مان اها ڳالهه به نه ٿو ڪيان ته اسلام آباد ۾ ٻولي ڪانفرنس ۔۔۔۔۔، پيسا ڏي پر ڪنهن کي ٻڌائجان نه وارو معاملو ڇا آهي پرمون کي ان تي تشويش ضرور آهي ته ، سندس تڪ جا ماڻهون ڪهڙي حالت ۾ آهن، پنج پنج سئو ٻار خوراڪ جي ڪمي ۾ مري ٿا وڃن۔ ٿر جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو گناه ، پاڻي پلانٽس ۾ ڪرپشن وارو ميگا ڏوهه سندس تڪ ۾ ٿيو آهي ۽ هلي پيو ان تي سندس خاموشي۔ صرف ٻه ڏينهن اڳ جي رپورٽ آهي ته عمر ڪوٽ جا 320 اسڪول بند پيا آهن۔435 اسڪولي عمارتون زبون ۽ خطري ۾ آهن، 48 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 1038 اسڪولن جون ديواريون نه آهن 1040 اسڪولن ۾ بجلي ناهي ۔ هاڻي ڇا ڪجي ؟ سندس تڪ ۾ اسڪول بند، تباه، پاڻي تي ڪربلا، صحت اهڙي جو ٻارن جا لاش کڻي کڻي ماڻهون ٿڪجي پيا آهن۔ سندس تڪ هجڻ ڪي هن انهن مسئلن تي ڇا ڪيو آهي ؟ هاڻي انهن مسئلن تي نه لکجي ڇو جو هن اسيمبلي ۾ سائين جي ايم سيد ، پير پاڳارو، جيئي سنڌ چيو ۔ ڇا اديب ۽ شاعر هجڻ اهي لائسنس آهن ته ڪرپشن ٽيم جو حصو ٿي، پنهجي تڪ تي اکيون ٻوٽي غريبن کي برباد ٿيندو ڏسجي ۽ ماڻهون ان کي نه چون ته ٻيلي اديب آهي؟ سردار شاه پاڻ نه لکندو هو ڇا؟ڪاوش ۾ ئي سندس مضمون ته ڪڍي ڏسو، پير پاڳاري تائين کي نه ڇڏيندو هو۔ ننڍا وڏا وزير ته پري جي ڳالهه آهي۔ پوءِ هاڻي سردار شاهه تي لکجي ٿو ته سنڌ جي اديبن جي پيٽ ۾ ڇو وڪڙ پيو آهي ؟ ڇا ، زرداري، قائم علي شاه، مراد شاه، شرجيل،منظور وساڻ ، کهوڙو، يا ٻين وزيرن تي سندن ڪارڪردگي بابت نه لکيو ويندو آهي ؟
مان کي تازو ، سنڌ جي هڪ منسٽر سان 5 سال پي ايس ٽائيپ نوڪري ۾ گڏ رهندڙ دوست ٻڌايو ته سهيل سائين۔ اسان جو کاتو انهن اديبن سان لهه وچڙ وارو هو انهن جا وزير جي آفيس جا چڪر ، ڪمن ۽ انهن جي ليول ٻڌايان ته مون کي ٻڌائيندي به شرم ايندو۔ سنڌ ۾ ڪو اديب ، دانشور نه بچيو اٿوَ۔ هن قسم کڻي چيو ته ، ڪنهن فوتي تي دعا لاءِ ويندا هيا سين ته اتي به وزير کي پروٽوڪول ڏيندا هيا، وزير سميت اسان سڀ شرمندگي محسوس ڪندا هياسين۔۔۔۔ مان کيس چيو ائين ناهي، علي بابا، مريم مجيدي، عطا محمد ڀنڀرو، نياز همايوني، جمن دربدر، نجم عباسي،استاد بخاري، ڊاڪٽر اياز قادري، آسي زميني، سعيد ميمڻ مرحوم ۽ ٻيا ڪيترا موتي داڻا آهن اڄ جي انهن مها دانشورن کان پيسي ۾ تمام پٺتي هيا ۽ آهن پر انهن ڪڏهن اهڙي وانگار نه وهي جهڙي هي پيارا وهن پيا۔ ان تي ان دوست تاڙو هڻي چيو ، واه جي ڳالهه ڪئي اٿو سائين ، واقعي اسان منسٽر سان هڪ هنڌ وياسين،اتي موجود مها اديب، دانشور اچي چنبڙيا پر علي بابا پري ڀت کي ٽيڪ ڏئي ، سگريٽ جا ڪش هوا ۾ اڏائيندي سچل واري مستي ۽ شهباز واري قلندري ۾ بيٺو رهيو۔ڏٺئين به نه۔
ٻي ڳالهه اها به ڪندس ته پياري اسحاق کي سنڌالاجي جو هيڊ هجڻ سبب جيڪو سندس ڪم آهي اهو ڪرڻ گهرجي، مان پنهجو مثال ٿو ڏيان، هڪ سال کان کيس ست، اٺ ڀيرا چيم، ياد ڏياريم ته مان کي هڪ رسرچ لاءِ ستر جي ڏهاڪي جي هڪ اخبار جي فلاڻي صفحي تي آيل فلاڻي خبر جي ڪاپي يا فوٽو کپي۔ اهي ڏينهن اڄ جا ڏينهن، جواب ئي نه مليو۔ هي اداره ان لاءِ ته آهن نه ته تحقيق ڪرڻ وارن کي مدد ڪن ؟، لنڊن برٽش لائيبريري ۾ اسان پنهجو گهربل مواد آرڊر مس ڪندا آهيون ته ٻڌايل ٽائيم تي انتهائي عزت ۽ شان سان اچي ڊيسڪ تي پڄائي ويندا آهن۔ اهو مثال ان لاءِ ناهي ته ڪو مان ذاتي ڪاوڙ پيو ڪڍان، پر ايترو ضرور آهي ته انهن ادارن تي اسان جو حق آهي، ها يا نه جو جواب ته لهڻو، هي ته دوست آهي ته پوءِ به اهو حال آهي، عام محقق سان ڇا ٿيندو هوندو؟ ان ڪري سنگت کي صلاح آهي ته ٻيون وانگاريون ڇڏي پنهجن ادارن ۾اصل ڪم تي توجه ڏين ۽ اتي ڪا اهڙي ڳالهه ڇڏي وڃن جنهن جو سڀاڻي پويان سندن مان رهي۔ سردار شاه لاءِ به صلاح آهي ته ، اهو واه واه ڪرڻ وارو ٽولو ، ڪلهه سسي پليجو جي تون کان به وڌيڪ لفظن ۾ تعريف ڪندو هو۔ سچا دوست ڪميون پيشيون ڏسي رهنمائي ڪندا آهن، ته جيئن دوست جي عزت ٿئي ، نه ڪي واه واه ۾ ڪم ڪٽلي ڪرائيندا آهن۔ جيستائين مهنجو تعلق آهي ته نه ڏيڻي نه وٺڻي، پر منهنجي نظر ۾ اهو ماڻهون وڌيڪ ڏوهاري آهي جيڪو سڄي عمر سنڌ سنڌ ڪري ۽ پوءِ اهڙي ڪلٽي کائي جو سڄي سنڌ حيران۔۔ منهنجي صلاح آهي ته غريب فنڪارن جي فلاح ۽ بهبودجا ڪم، صحت جي مڪمل انشورنس، اسڪولن ۾ موسيقي جا ڪلاس ( جيئن سائين جي ايم سيد ڪيا هيا) شروع ڪرائڻ ، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ٽيلنٽ ڳولهي ان کي موقعو ڏيارڻ جا ڪم پنهجي وزارت ۾ ڪريو ته ڀلو ٿيندو۔ ان کان وڌيڪ پنهجي تڪ جي وارثي ڪريو نه ته هي اڪبر جا بيربل تون مان جيڏو لاڀ حاصل ڪندا ، تيڏو هنن جو پيٽ نه ڀرڀو

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *