Thursday , March 28 2024

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران آپريشن ردالفساد جي حمايت جو اعلان

Qadir magsi3Qadir magsi2
سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران حيدرآباد ۾ يوم مادر وطن جون تقريبون ۽ جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي کي خطاب ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته چيو ته نواز شريف جلاوطني دوران صوبن کي خود مختياري ۽ وسيلن تي صوبن جي مالڪي ڏيڻ وارو واعدو پورو ناهي ڪيو.
سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران يوم مادر وطن جي سلسلي ۾ حيدرآباد باءِ پاس و ٽ جلسو منعقد ڪيو ويو.
جلسي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي چيرمين ڊاڪٽر قادر مگسيءَ چيو ته هو آپريشن رد الفساد جي مڪمل حمايت ڪري ٿو پر ان ۾ سياسي مصلحت کان ڪم نه وٺڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪراچي جي مسئلي کي ميرٽ جي بنياد تي حل ڪيو وڃي.
ڊاڪٽرقادر مگسي چيو ته مڪمل آپريشن تائين ملڪ مان انتها پسندي ختم نه ٿيندي.
هن چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۽ مدرسن جو نصاب هڪجهڙو ڪري مدرسن جي رجسٽريشن سان گڏ نگراني به ڪئي وڃي نه ته دهشت گردن جو نرسريون ختم نه ٿينديون.
ايس ٽي پي چيرمين چيو ته نواز سريف جلاوطني دوران آئين جي بالادستي، صوبن کي خود مختياري ۽ وسيلن تي صوبن جي حق کي تسليم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر حڪومت ۾ اچي سڀ واعدا وساري ڇڏيا آهن.
هن چيو ته وفاق سنڌ کي هڪ جماعت جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، مرڪزپاران وائسراءِ جيان سنڌ ۾ ٻاهريون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي.
جلسي ۾ آدمشماري ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪرڻ، سنڌ ۾رهندڙ ٻين صوبن جي ماڻهن لاءِ ڌار خانو شامل ڪرڻ، سنڌ کي 1945 جي معاهدي موجب پاڻي فراهم ڪرڻ سميت سنڌ جي مسئلن بابت مختلف ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.
جلسي کي رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر حئي بلوچ ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو…..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *