Friday , March 29 2024

سنڌ اسيمبلي ۾ حليم عادل شيخ جي نامزدگي پ پ جي لابنگ سان ٿي

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ حليم عادل شيخ جي نامزدگي ۾ پيپلز پارٽي جي ڳجهي منصوبابندي تحت، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ نئين چونڊيل صوبائي اسيمبلي سنڌ جي ميمبر حليم عادل شيخ کي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور سامهون آڻائڻ جون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ئي ايم ڪيو ايم به بنا کيس قبول ڪري ورتو، ان جو مک ڪارڻ اهو ئي آهي، حليم عادل شيخ جي ڪجهه ذاتي دوستن معرفت ايم ڪيو ايم کان سندس حمايت جو اعلان ڪرايو ويو آهي.ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پ پ پ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪمزور مخالف ڌر جي لاءِ اپوزيشن ليڊر به ڪمزور آڻڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. جنهن لاءِ حليم عادل کان وڌيڪ بهتر اميدوار نه هو. پيپلز پارٽي جي ئي ذريعن جو چوڻ آھي ته، پ پ جي قيادت ايم ڪيو ايم معرفت لابنگ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ کي پ پ جي اهڙي منصوبابندي جي دير سان خبر پئي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ ٻن آپشنز تي ويچاري پئي. هڪ نئين اپوزيشن ليڊر جي نالي تي ويچارڻ جو امڪان آھي، ٻيو آپشن مضبوط ڊپٽي اپوزيشن ليڊر آڻڻ آھي. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي ذريعن سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، پارٽي جي اندروني طور ڪيل ڇنڊڇاڻ ۾ ان ڳالهه جا نشان مليا آهن ته حليم عادل شيخ جا ڪاميابي بعد پ پ پ جي ڪجهه اهم ماڻهن (جيڪي پارليامينٽ ۾ ناهن) معرفت رابطا هلندڙ هئا. حليم عادل کي سمورين ڳالهين بابت پارٽي کان لڪائڻ جي به هدايت ڪئي وئي هئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه پ پ پ جا ايم پي ايز اهڙا آهن، جن جا وري پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان ذاتي واسطا به آهن، انهن پاران ئي اهڙي منصوبابندي بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. پ پ پجا اڳواڻ آخر ڇو پي ٽي آءِ کي پنهنجي پارٽي جا راز ٻڌائيندا؟؟ واري سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ جي ذريعن ٻڌايو ته، انهن مان هڪ کي وزارت جو آسرو هو جنهن کي پ پ جي هڪ اهم شخصيت ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آحي، جنهن جي ناراضگي تان ئي ان اهڙي ڳالهه پي ٽي آءِ جي هڪ اهم اڳواڻ تائين پهچائي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *