Friday , April 19 2024

سنڌ اسيمبلي ۾ امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر پاران نصرت عباسي سان غيرمهذب جملا چوڻ تي ايوان جو تقدس پائمال

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران انگريزي ۾ سوال پڙهڻ واري معاملي تي صوبائي وزير امداد پتافي ۽ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، امدادي پتافي پاران چيمبر ۾ گهرائڻ واري جملي تي نصرت سحر عباسي سخت احتجاج ڪيو، وقتي اسپيڪر ٻنهي ميمبرن کي ماٺ رهڻ لاءِ چوندي رهي، جڏهن ته ايوان ۾ موجود وڏو وزير مراد علي شاهه ميمبرز جي جملن تي مسڪرائيندو رهيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس شروع ٿيندي ئي پ پ ميمبرز فيصل آباد ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ريلي دوران بجلي بند ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪري وزير اعظم خلاف نعريبازي ڪئي. پ پ ميمبرز جي احتجاج سبب ڊپٽي اسپيڪر کي اجلاس 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪرڻو پيو، جڏهن ته پ پ ميمبرز جي نعريبازي بعد نواز ليگ ايم پي اي سورٺ ٿيٻو وقتي اسپيڪر خلاف نعريبازي ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي. اجلاس جي ٻيهر شروع ٿيڻ تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي ڪارڪردگي بابت ميمبرز صوبائي وزير امداد پتافي کان سوال ڪيا. صوبائي وزير امداد پتافي جي اردو ۾ جواب ڏيڻ تي فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي امداد پتافي کي جواب انگريزي ۾ ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن تي هن نصرت سحر عباسي کي چيو ته چيمبر ۾ اچو ته توهان کي پڙهي ٻڌايان . امداد پتافي جي اهڙي جملي تي نصرت سحر عباسي سخت احتجاج ڪندي امداد پتافي کي وراڻيو ته چيمبر ۾ پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي گهرايو. وقتي اسپيڪر شهلا رضا، امداد پتافي ۽ نصرت سحر عباسي کي ماٺ ڪرڻ لاءِ چيو پر هو نه مڙيا، امداد پتافي نصرت سحر عباسي کي ڊراما ڪوئين قرار ڏيندي چيو ته هن رڳو ڪاوش اخبار ۾ ڪوريج گهرجي. نصرت سحر عباسي اسپيڪر کي چيو ته حڪومتي ميمبرز کي ڪنٽرول ڪيو، جيڪڏهن اسان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هنن کي ڀڄڻ جي جاءِ به هٿ نه ايندي، جيڪڏهن وزير ماڻهن کي چيمبر ۾ گهرائي رهيا آهن ته پوءِ اجلاس به چيمبر ۾ ڇو نه ٿو گهرايو وڃي. نصرت سحر عباسي ۽ امدا پتافي وچ ۾سخت جملن جي ڏي وٺ دوران ايوان ۾ موجود وڏو وزير مراد علي شاهه کلندو رهيو، جڏهن ته پ پ ايم پي اي تيمور ٽالپر نصرت سحر عباسي کي غلط اشار ا به ڪندو رهيو. امداد پتافي ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ سبب اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *