Saturday , April 20 2024

سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ تي عيدميلادالنبي جي تقريب، حسين شاهه قمبر وارو خصوصي طور شريڪ

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ تي عيدميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو پير سيد غلام حسين شاهه نقشبندي (قمبر وارو سائين) خصوصي طور تي شريڪ ٿيو.

تقريب کي خطاب ڪندي پير سيد غلام حسين شاهه نقشبندي خاص خطاب ڪندي چيو ته موجوده دور ۾ مختلف هنڌن تي نبي جي شان ۾ گستاخيون ۽ ختم نبوت تي حملا ٿين پيا، پر اسان کي گڏجي مقابلو ڪرڻو آهي، ميلادالنبي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سمورن نبين حضور صلعم جي آمد کان قومن کي آگاهه ڪيو. اسان جو نبي صه سمورن جهانن تي رحمت لاءِ موڪليو ويو، هو آخري نبي آهي، جيڪو قيامت ۾ سمورن مسلمانن کي جنت ۾ داخل ڪرڻ کانسواءِ الله تعالي سان راضي نه ٿيندو، جيڪو اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي. ميلاد جي تقريب ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽر سڪندر شورو، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهار، خرم شير زمان، نصرت سحر عباسي، شميم ممتاز، ايم پي اي مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *