Saturday , April 20 2024

سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ ميدان ۾ لهي پئي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي، ن ليگ، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف به سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پئي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ ڊيمن جي اڏاوت لاءِ فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو آهي ته، سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني بنگالين، برمين ۽ افغانين کي پاڪستاني شهريت ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪيا ويندا. عمران خان پنهنجي تقرير ۾ اهو به چيو ته، ڪراچي ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اڪثريت غير قانوني طور ترسيل بنگالي، برمي ۽ افغاني ملوث آهن. ڇو ته انهن وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ناهي ۽ انڪري انهن کي روزگار نه پيو ملي.

ان کان اڳ غير قانوني طور سنڌ ۾ ترسيل بنگالين، برمين ۽ افغانين کي پاڪستاني شهرين ڏيڻ لاءِ پ پ پ، ن ليگ منصوبابندي ڪئي هئي، امي ڪيو شروع ڏينهن کان ان لاءِ مطالبا ڪندي رهي آهي.

وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ غير قانوني طور ترسيل بنگالي، برمي، افغاني اڪثريت ۾ ملوث آهن. ڪراچي ۾ ڀاشا ڊيم جي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته، ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿيو آهي، پر اسٽريٽ ڪرائيمز تي مڪمل ضابطو اچي ناهي سگهيو. پنهنجي تقرير دوران وزيراعظم سڌي طرح ان ڳالهه جو به اقرار ڪيو ته، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ۾ بنگالي، برمي ۽ افغانين سميت ٻيا غير قانوني طور ترسيل پرڏيهي ملوث آهن. وزيراعظم انهن جي ڏوهن/اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ ملوث هجڻ جو جواز اهو قرار ڏنو آهي ته، برمين، بنگالين ۽ افغانين جو نئون نسل بيروزگاري سبب اسٽريٽ ڪرائيمز/ ڏوهه ڪري رهيا آهن، سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ ڪري انهن کي روزگار جا موقعا نه ٿا ملن انڪري ڏوهه ڪن ٿا. وزيراعظم اعظم اهڙُ اقرار ڪندي اعلان ڪيو ته، گهرو وزارت جو قلمدان وٽس آهي، هُو ان سلسلي ۾ تڪڙو ئي اجلاس سڏائي عملي  قدم کڻڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو.

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

پيپلز پارٽي پاران بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا،سرڪاري نوڪريون به ڏينداسين:نثار کهڙو/ ڊاڪٽر عاصم/ وقار مهدي

وفاقي سرڪاربنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلوڪري ڇڏيو،پ پ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *