Friday , April 26 2024

سنڌو ماٿريءَ جي قديم ماڳ سان ٿيندڙ نا انصافي! ڏ_ مسلم ميراڻي

مسلم ميراڻيMuslim

موهن جي دڙي تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرس کانپوءِ سنڌو ماٿري جي تاريخي ماڳ کي بچائن کان وٺي سنڌ حڪومت جي نا اهليءَ تي سوال ڪيا پيا وڃن ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي موهن جي دڙي تي جلسي کي به ڏيهي ۽ پر ڏيهي آرڪيالاجسٽن سنڌو ماٿري جي آثارن سان زيادتي قرار ڏنوهو. ان سان گـڏ موهن جي دڙي جي فندن تي لوٽ مار تي يونيسڪو ۽ ٻيا تحيقي ماهر پريشان ٿي ويا آهن ته جيڪي ڪروڙين رپيا  موهن جي دڙي جي انتظاميا ۽ سنڌ ثقافت کاتي وارن موهن جي دڙي تي خرچ  ۾ڏيکاريا  آهن، اهي هتي نظر ئي نٿا اچن، يا ته اهي پئسا مٽي کائي وئي آهي  يا وري ڪامورا؟ اهو پڻ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن اها ڪرپشن ۽ لاپرواهي جاري رهي ته سنڌوءَ ماٿريءَ جا  تاريخي آثار جلد ئي ختم ٿي ويندا.

ملڪ جي  آرڪيالاجسٽن ۽ تاريخدانن ان ڪانفرس کي پيپلز پارٽيءَ جو جلسو قرار ڏنو آهي. ڇو جو سنڌ جي تاريخ دانن تحقيق دانن، دانشورن ۽ اديبن کي سڏ ئي ڪون ڏنوويو. رڳو دوستن يارن کي گڏ  ڪري، پهنجو ميلو مچايو ويو. گڏو گڏ هڪ نئي بحث پڻ جنم ورتو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو اصل نالو ڇا آهي؟ موئن جو دڙو؟ موهين جو دڙو يا وري موهن جو دڙو؟ گھڻن اديبن محققن جو خيال آهي ته سرڪاري طور تي موئن جو دڙي چوڻ هن تهذيب سان نا انصافي آهي.

Mohan Jo Daro 3

سنڌو ماٿريءَ جي  تهذيب  تي روشني وجھندي مشهور تحقيق دان ۽ تاريخ دان ڊاڪٽر ڌر محمد پٺاڻ چيو ته سنڌو ماٿريءَ جي آثارن جو نالو موهين جو دڙو آهي ۽ موهين جي دڙو جي اوڀر طرف سنڌو نڌي وهي ٿي ۽ اولهه طرف ان جي وسنديون آهن، جيئن ڏوڪري، باڊهه ۽ ڀر وارا ڳوٺ اهي سڀ پراڻيون پرڳڻيون آهن ۽ انهن شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن تي پڻ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر ڌر محمد چيو ته اولهه طرف رهندڙ ماڻهون انهن آثارن کي موهين جو دڙو چوندا هيا ۽ اڃا تائين ان کي موهين وارو دڙو چيو ويندو آهي. ان ڪري اهو موهين جو دڙو آهي. موهين جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ محقق سر جان مارشل به پهنجي لکڻين ۾  Mohen  جو دڙو انگريزي م لکيو آهي جنهن جو مطلب آهي سامهون  وارو.  ان کان علاوه اهو به ٿي سگھي ٿو ته اهو دڙو مهاڻن جو هجي، ڇو جو اهو سنڌو نڌي جي ڪناري  تي آباد آهي.

Mohan Jo Daro 1

ڊاڪٽر ڌر محمد چيو ته هتي ٻيا به دڙا آهن جيئن جهوڪر جو دڙو، ڌامراه جو دڙو. انهن دڙن جي نالن تي ڪو به مذهبي رنگ نه ٿو ملي. ان ڪري موهين جي دڙي کي به مذهبي نالو يا رنگ نه ٿو ڏئي سگھجي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي آثارن کي موئن يا موئلن جو دڙو نه چيو وڃي ۽ ان نالي تي جيترو جلد ٿي سگهي تحقيق شروع ڪئي وڃي ته جيئن اسان پهنجن تاريخي آثارن کي صحيح نالو ڏئي سگهون.

ٻئي طرف تاريخي ڪتاب (قومن جي عالمي تاريخ) ۾ لکي ويو آهي ته موهن جي تهذيب جي ماڻهن وٽ باقاعده مذهب هيو. جنهن جي اصولن تي انهن هڪ سڌريل معاشرو قائم ڪيو هن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته هندستان جي  مشهور دانشور مولانا ابوڪلام آزاد جي موجب موهن جي دڙي جا ماڻهون توحيد پرست هيا پر ڪجهه آرڪيالاجسٽن جو خيال آهي ته موهن جي دڙي جي کوٽائي ۾زنانيون مورتيون مليون آهن ان مان لڳي ٿو ته موهن جي دڙي جا ماڻهون ڪنهن ديويءَ جي پوجا ڪندا هيا.

سنڌ جي مشهور ۽ معروف آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر غلام مصطفي شر ٻڌايو ته سنڌو ماتري جي تهذيب جو نالو موهن يا موهين جو دڙو آهي. انهن قديم آثارن کي موئن جو دڙو چوڻ سراسر غلط آهي. ڊاڪٽر غلام مصطفي شر جي مطابق اوائلي سنڌي ٻوليءَ ۾، موهن جو مطلب آهي وطن تي شهيد ٿيندڙ ۽ ٻيو موهين جو مطلب آهي سامهون وارو يا در وارو ڇو جو موهن جي دڙي کي هڪ وڏو در پڻ آهي. ڊاڪٽر غلام مصطفي شر  وڌيڪ ٻڌايو ته 1983ع ۾  سائوٿ ايشين آرڪيالوجي جي بين القوامي ڪانفرس ۾ دنيا جي آرڪيالوجسٽ اهو طئي ڪيو هيو ته سنڌو ماتري جي تهذيب کي موهن جو دڙو چيو، لکيو ۽ پڙهيو ويندو، جيستائين ڪا نئي تحقيق  ان جي نالي جي حوالي سامهون نه ٿي اچي. ان ڪري موهن جي دڙي کي رڳو موهن جي نالي سان لکيو، پڙهيو ۽ سڏيو وڃي.

 جڳ مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽراحمد حسن دانيءَ جو ريسرچ  اسٽنٽ ۽ آرڪيالاجسٽ آزاد ڪاڪيپوٽو جي مطابق سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو اصل نالو موهن جو دڙو آهي ۽ هن کي موئن جو دڙو سڏيندڙ ماڻهون اسان جي تاريخ ۽ تمدن کي خراب ڪري رهيا آهن. آزاد ڪاڪيپوٽو ٻدايو ته گڏيل قومن جي ڪلچر ۽ هيريٽيج جي ڪنويشن جي مطابق سنڌو ماٿريءَ جي نالو موهن جو دڙو آهي پر ڪجهه جنونيت پسند ماڻهون ان کي موئن جو دڙو چئي رهيا آهن ۽ موهن جي دڙي جو نالو بدلائڻ  تاريخ سان هٿ چوراند ڪرڻ جي برابر آهي. آزاد ڪاڪيپوٽو جي مطابق هن تاريخي ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ سر جان مارشل جي نظرداريءَ هيٺ 1922ع کان  1927ع تائين هلي. ان کوٽائيءَ جو سمورو احوال سر جان مارشل ٽن جلدن ۾شايع ڪرايا. وري ٻيو دفعو هن دڙي جي کوٽائي ارنيسٽ مئڪي جي نظرداريءَ هيٺ ٿي، جنهن پنهنجو ڪم 1927ع کان 1931ع ڪيو ۽ ان جي تحقيق جو ڪتاب پڻ موجود آهي جنهن ۾ به  موهن جو دڙو لکيل آهي ان سان گڏ سرجان مارشل جي لاگ بڪ ۾ موهن جو دڙوجي نالو سان  لکيو ويو آهي ان ڪري سنڌو ماٿري جي آثارن کي رڳو موهن جو دڙو چيو وڃي.

Mohan Jo Daro 2

نوجوان اديب نادر حسين جوڻيجو جو چوڻ مطابق ته سنڌو ماٿري جي تاريخ تي جڳ مشهور محقق ولڊورانٽ پهنجي ڪتاب هندستان  لکيو آهي ته اهو موهين جو دڙو آهي. اصل سنڌو ماٿري جو هن پرڳڻي جو نالو دراوڙ جو دڙو آهي. ڇو جو هتي رهندڙ قوم دراوڙ هئي. اهڙي طرح هن عظيم شهر جي کوٽائيءَ ۾ بئنرجي، سر جان مارشل، جارج ايف ڊيلز، هارگريوز، سروپ وتيس، ڪي اين ڊڪشٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انهن به سنڌو ماٿريءَ جي آثارن کي موهن جي دڙي جو نالو ڏنو آهي ۽ سنڌ ماٿريءَ جا  قديم آثاراسان جي تحقيق جا منتظر آهن.

اهو واضع آهي ته سنڌ جا محقق، دانشور، اديب موهن جو يا موهين جي دڙي جي نالي تي ورهايل آهن پر اڪثريت موئن يا موئلن جي دڙي جي نالي جي  مخالفت ڪن ٿا. ان ڪري سنڌ جڪومت کي کپي ته اهو سنڌو ماٿري جي تاريخي تهذيب کي سرڪاري سطح تي موئن جو دڙو چوڻ بند ڪرائي ۽ نالي جي حوالي سان سائنسي ۽ سماجي تحقيق ڪرائي ان مسئلي جلد کان جلد حل ڪري، ته جيئن اسان پهنجي5 هزار سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن جي نرالن رنگ ۽ ڍنگن کي صحيح نالي ڏئي سگھون.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *