Friday , April 19 2024

سنڌسماءَچار آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيڻ جي خبر سموري ميڊيا کان 5 ڪلاڪ اڳ ۾ هلائي

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ ڪرڻ واري ڪيس ۾، ايف آءِ اي پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپر کان پڇاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا. سنڌ سماءَچار پاران ان بابت ايڪسڪليوزو خبر هلائي هئي. خبر ۾ واضع طور چيو هو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا.

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم آڏو پيش نه ٿيڻ اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان پ پ جي لاهور ۾ ٿيل اجلاس دوران آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن ۽ اعتزاز احسن جي سربراهي ۾ قانوني ٽيم سام صلاح مشورن بعد فيصلو ڪيو ويو. جنهن بابت اڱاري تي لڳ ڀڳ سوا 8 وڳي ڌاري رات جو پ پ جي اجلاس بعد اهو اعلان ٿيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا. اها خبر ڪراچي مان سنڌسماءَچار اڱري ڏينهن ئي منجهند جو لڳ ڀڳ ساڍي 3 وڳي ڌاري هلائي هئي.

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي آڏو پيش نه ٿيندا

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *