Thursday , April 18 2024

سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن جي انتظام هيٺ اسڪول ۾ ٻارڙن کي نيڪالي ڇو؟؟

سنڌ حڪومت پاران تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي واريون دعوائون ڌوڙ،سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جيانتظام هيٺ لاسي ڳوٺ ۾ قائم اسڪول مان لسانيت جي بنياد تي صحافي جي پٽ سميت 50 ٻارڙن کي امتحان ويجھو ايندي ئي اسڪول عملي بھانو بڻائي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو ٻارڙين جي والدين پاران اسڪول مان بيدخل ڪرڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاء  پرنسپال سان ملاقات ڪئي ته ان جو چوڻ ھو  تہ اسان جا آفيسر اسڪول جي دوري تي آيل ھئا ان ڏيھن اوھان جا ٻارڙا اسڪول کان غير حاضر ھئا ان ڪري انھن کي فلحال فارغ ڪيو ويو آھي ،،ايندڙ نئين داخلائن ۾ انھن کي رکيو ويندو ،جڏھن ته انھن ۾ ڪجھ ٻارڙا اھڙا به آھن جدڪي پھرين کان وٺي ٻئين ۽ ٽئين درجي ۾ پڙھندڙ آھن ،جيڪڏھن ان ٻارن کي ھن ايندڙ امتحانن ۾ نه ويھاريو ويو ته ٻارڙين جو مستقل تباھ ٿي ويندو اوڏانھن ڀروسي جوڳن ذريعن کان معلوم ٿي آھي ته اسڪول جو پورو عملو اردو اسپيڪنگ آھي جيڪي ھڪ گھري سازش تحت سنڌي ٻارڙين جو ھٿ وٺي مستقبل خراب ڪري رھيا آھن ٻارڙين جي والدين وزير اعليٰ سنڌ ،تعليم جي صوبائي وزير ،ڊي اي او ايجو ڪيشن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪو بغير ڪنھن سبب جي اسڪول مان بيدخل ڪيل ٻارڙن کي داخل ڪري ۽ لسانيت پکيڙيندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري والدين جي بيچيني دور ڪئي وڃي،

About Asghar Azad

Check Also

شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو قتل، بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سميت ڪنهن به پ پ اڳواڻ مذمت نه ڪئي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪشمور ۾ قبيلائي تڪرار تان شهيد ڪيل پروفيسر اجمل ساوند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *