Saturday , April 20 2024

اسلام آباد: ڇا سنڌ ۾ بادشاهي راڄ آهي؟ هاڻي تماشو بند ڪيو: سپريم ڪورٽ

  Sindh Govt Logo1

سپريم ڪورٽ ٿرڪول اٿارٽي ۾ رٽائرڊ سرڪاري آفيسر کي ڪانٽريڪٽ تي 20هين گريڊ ۾ رکڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي هڪدم چيف انجنيئر محمد علي ميمڻ کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اعليٰ عدالت چيو آهي ته عدالتي فيصلي موجب ڪانٽريڪٽ تي رکيل رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي هڪدم هٽايو وڃي، نه هٽايا ويا ته عدالت قانون مطابق قدم کڻندي، عدالت ٿرڪول اٿارٽي پاران روڊ ۽ اسڪولن جا منصوبا ٺاهڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو آهي ته اهي منصوبا لاڳاپيل کاتن حوالي ڪيا وڃن، عدالت آرڊر ۾ چيو آهي ته سنڌ جي خاص قدمن واري کاتي کي ڪم کان روڪڻ واري عدالتي حڪم تي عمل ڪيو وڃي، جسٽس امير هاني مسلم چيو آهي ته ڇا سنڌ ۾ بادشاهت آهي، عوامي ناڻي تي ڪيئن رٽائر ماڻهو رکو ٿا، پنهنجو گهر درست ڪري وٺو، نه ته عدالت توهين عدالت جون ڪارروايون ڪندي، تماشا بند ڪريو، اسين وقت نه ڏينداسين، جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٿرڪول اٿارٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان سڀ ڪراچي کان آيا آهيو؟ عوام جي ٽيڪس جا پئسا ڀري هتي اچو ٿا، عدالت جي پڇڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته خاص قدمن واري کاتي ڪم روڪڻ بابت سپريم ڪورٽ جي هدايت تي هفتي اندر عمل ٿي ويندو.

Sindh Govt crown

جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ڪول اٿارٽي ۾ رٽائرڊ کي ڪيئن ڀرتي ڪيو ويو آهي؟ ايڊيشنل سيڪريٽري سروسز ٻڌايو ته اهم منصوبو آهي، ان ڪري محمد علي ميمڻ کي چيف انجنيئر رکيو ويو آهي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي ته رٽائرڊ نه رکبو، اربين رپيا ڪانٽريڪٽ واري کي ڪيئن ڏبا؟ نه ڪو حساب ۽ نه ڪتاب آهي، ان کي ڪنهن مقرر ڪيو آهي؟ هن ۾ ڪهڙا سُرخاب جا پر لڳل آهن؟ ڇا سنڌ ۾ آفيسر موجود نه آهن؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته آفيسر ورڪس ۽ سروس ۾ آهي، عدالت چيو ته انهن کي اتي رکو، ڪانٽريڪٽ وارا سڀ گهر موڪليو، رياست اندر رياست نه هوندي، ڇا ڪول اٿارٽي جو اهو ڪم آهي ته روڊ ٺاهي ۽ پلانٽ لڳرائي؟ ڇا اها آهي سٺي حڪمراني؟ ڇا رولز آف بزنس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي؟ يا ته لکو ته هر اسپتال ڪول اٿارٽي جي هوندي، ڪول روڊ ۽ ڪول اسڪول هوندا، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته آئل ڪمپنيون به ننڍا روڊ ٺاهينديون آهن، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ڪراچي کان وٺي ڪول پلانٽ تائين روڊ اٿارٽي ڪيئن ٺهرائيندي؟ آر او پلانٽن ذريعي تباهي آئي، اربين رپيا خرچ ٿيا، عدالت آرڊر ۾ لکرايو ته خاص قدمن واري کاتي کي ڪم کان روڪڻ واري حڪم تي عمل ڪيو وڃي، حيرانگي آهي ته ڪول اٿارٽي به ٻين کاتن جا ڪم ڪري پئي، ڊي جي ٿرڪول اٿارٽي ٻڌايو ته کيس 20هين گريڊ ۾ وڏي وزير رکيو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اٿارٽي جي بورڊ هئڻ کانپوءِ  وڏو وزير مقرري نه ڪندو، ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل رٽائرڊ ملازمن کي هڪدم هٽائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، عدالت اها به هدايت ڪئي آهي ته چيف انجنيئر جي عهدي تي رکيل سپرنٽينڊنٽ انجنيئرن شفقت مغل ۽ محمد عارف کان چارج واپس ورتي وڃي، امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ انجنيئر تنوير شاهه جي چيف سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار ٻڌايو ته 25 نومبر تي ترقي ملي پر پوسٽنگ نه ملي آهي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 19هين گريڊ جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر شفقت مغل ۽ عارف شاهه کي چيف انجنيئر جي چارج مليل آهي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ڪهڙو رولز جو تماشو ٺاهيو اٿو؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهين عدالت جون درخواستون اچن ٿيون ته پوءِ ٿا ڪم ڪريو، جڏهن سپريم ڪورٽ جو حڪم اچي وڃي ته عمل ڪرڻو آهي، عدالت حڪم ڏنو ته تنوير شاهه کي بيچ ميٽ سان ترقي ڏني وڃي، او پي ايس طور 20هين گريڊ ۾ ويٺلن کان چارج واپس ورتي وڃي، سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڪانٽريڪٽ تي موجود رٽائرڊ ملازمن کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب هٽائي 2 هفتن ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *