Thursday , April 18 2024

سعودي بادشاهه کي به ڪرپشن ياد اچي وئي،11 شهزادا،4 وزيرن ۽38 اڳوڻا وزير گرفتار

رياض (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي بادشاهه ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ خلاف سعودي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تاريخي قدم کڻندي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن هيٺ کرب پتي شهزادي الوليد بن طلال سميت 11 شهزادن ۽ چئن وزيرن سميت 38 اڳوڻن وزيرن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا موجب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي سربراهي ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ خلاف ڪارروائي لاءِ اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي جوڙي وئي، جنهن ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ڪارروائي شروع ڪري سعودي عرب جي سياست ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سعودي نشرياتي اداري العريبيه موجب ڇنڇر واري شام محمد بن سلمان جي حڪم تي ڪارروائي ڪري 11 شهزادن سميت 38 موجوده ۽ اڳوڻن وزيرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جا نالا راز ۾ رکيا ويا آهن، گرفتار ٿيل شهزادن مان ٽن شهزادن تي هٿيارن جي غيرقانوني واپار، مني لانڊرنگ ۽ مالي خرد برد جا الزام آهن، ميڊيا رپورٽن موجب گرفتار ٿيل شهزادن ۾ دنيا جو کرب پتي شهزادو الوليد بن طلال شامل آهي، ان کان اڳ سعودي شاهه سلمان ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا، ڪرپشن خلاف جاچ لاءِ اعليٰ سطح ڪاميٽي قائم ڪئي، جنهن ڪرپٽ عناصرن تي سفري پابندي لڳائڻ سان گڏوگڏ گرفتار ڪرڻ جي به اجازت ڏني، ڪاميٽي کي لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان مناسب ڪارروائي ڪرڻ جو به اختيار ڏنو ويو آهي.

ڪاميٽي 2009ع ۾ جده ۾ آيل ٻوڏ ۽ 2012ع مرس وائرس سبب موت وارن معاملن جي به نئين سر جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سعودي ميڊيا موجب رياض ايئرپورٽ تي حوثي باغين جو مبينا ميزائيل حملو ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڇنڇر واري رات هڪ ٻي خبر سڄي سعودي عرب ۾ هلچل مچائي ڇڏي، جنهن ۾ ٻن وزيرن کي هٽايو ويو، سعودي سرڪاري ٽي وي موجب ڇنڇر واري ڏينهن جاري ٿيل شاهي فرمان ۾ چيو ويو آهي ته ٻن اهم وزارتن، گهرو سيڪيورٽي ۽ اقتصاديات ۽ منصوبابندين وارين وزارتن جا وزير پڻ تبديل ڪيا ويا آهن. شاهه فرمان سعودي بحريا جي سربراهه کي پڻ هٽائي ڇڏيو آهي، شاهي فرمان موجب شهزادي متعب بن عبدالله کي نيشنل سيڪيورٽي گارڊ جي وزارت تان هٽايو ويو آهي، وزارت جو قلمدان خالد بن عبدالعزيز کي سونپيو ويو آهي. اقتصاديات ۽ منصوبابندي واري وزير عادل فقيهه کي پڻ هٽائي سندس جاءِ تي ولي عهد جي نائب محمد تويجري کي وزير بڻايو آهي.

شاهه سلمان سعودي بحريا جي سربراهه جنرل عبدالله کي پڻ عهدي تان هٽائي جنرل فهد الغفيلي کي بحريا جو سربراهه بڻايو ويو آهي. شاهه سلمان شاهي فرمان جاري ڪري بدعنواني جي خاتمي لاءِ هڪ نئين ڪاميٽي جوڙي جنهن جو سربراهه محمد بن سلمان کي بڻايو ويو، العريبيه هلندڙ سال مئي مهيني شهزادي محمد بن سلمان جو هڪ انٽرويو نشر ڪيو هو. جنهن ۾ شهزادي چيو هو ته اسين ڪرپشن سبب تمام گهڻو پريشان آهيون، ڪرپشن ۾ جيڪو به ملوث هوندو، ان کي سخت سزا ڏني ويندي، هن چيو ته قانون کان ڪير به مٿانهون ناهي، چاهي اهو شهزادو هجي يا وزير، سڀني خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، شاهي فرمان موجب شاهه سلمان جي سربراهي ۾ جوڙيل اينٽي ڪرپشن ڪاميٽي ۾ مانيٽرنگ اينڊ انويسٽيگيشن ڪميشن جو چيئرمين، نيشنل اينٽي ڪرپشن اٿارٽي جو سربراهه، آڊٽ بيورو جو چيف، اٽارني جنرل ۽ اسٽيٽ سيڪيورٽي جو سربراهه به شامل هوندا. سعودي عرب جي سرڪاري نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته انهن ڪاررواين جي حوالي سان ڪميشن ٺاهڻ جو مقصد انهن ماڻهن جي پئسن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي سزا ڏيارڻ آهي، جن پنهنجن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري فائدو ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *