Friday , April 19 2024

سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو:سپريم ڪورٽ

DoctorsBio metric 01

سنڌسماچار جي ڪراچي واري خصوصي نمائندي جي رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻين ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو وڃي. عدالت 18 هين گريڊ جي ڊاڪٽرن جي 19 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ وارو عمل ٻن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس مشير عالم، جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن کي گريڊ 18 کان گريڊ 19 ۾ ي ترقي نه ڏيڻ ۽ رٽائر ملازمن کي سهولتون نه ڏيڻ جي حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمري عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڊي پي سي ٿي چڪيون آهن، جنهن جون سفارشون وڏي وزير کي اماڻيون ويو آهن. 5 هزار کا وڌيڪ ڊاڪٽرن جي تصديق جو عمل جاري آهي مهلت ڏني وڃي. درخواست گذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته گريڊ 20 ۾ ترقي جي منتظر 42 ڊاڪٽرن مان 15 رٽائر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته عدالت 3 سال اڳ ڊاڪٽرن جي ترقي جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو. عدالت گريڊ 18 ۽ 19 جي ڊاڪٽرن جي ترقي جو عمل ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ رٽائرڊ ٿي ويل ڊاڪٽرن کي مراعتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اسپتالن ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ ۽ غير حاضر ڊاڪٽرن خلاف پڻ ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *