Wednesday , April 24 2024

سانگهڙ:معمولي تڪرار تان عورت ۽ معصوم ٻارڙي جي بي رحماڻي تذليل

سانگهڙ ڀرسان ملاح برادري جي عورتن جو جهيڙو، عورت تي ڌي سميت تشدد منهن ڪارو ڪري علائقي جو گشت ڪرايو ويو تذليل ڪري ڪئي. سانگهڙ ويجهو چوٽياريون جي ملاح پاڙي جي عورت مسمات سياڻي زال پير بخش ملاح پنهنجي ڀاءَ رحيم بخش ۽ ماءُ سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته ٽئي ڏينهن اڳ آئون گهر ۾ ويٺي هيس ته پاڙي جي عورت صلح زال بلال ملاح ۽ سندس ڌيئر منهنجي گهر ۾ گهڙي آيون، جن اچڻ شرط کيس گارگند ڪري لتون ۽ مڪون هنيون. هن چيو ته، انهن عورتن مون کي هٿن ۽ پيرن کان جهلي منهنجو ۽ منهنجي 8 مهينن جي معصوم ڌي رقيه جو منهن ڪارو ڪري تذليل ڪئي. هن ٻڌايو ته، اهڙي واقعي بعد آئون پنهنجي ڀاءَ رحيم بخش سان انهي حالت ۾ چوٽياريون ٿاڻي تي دانهن کڻي ويس ته چوٽياريون پوليس جا اهلڪار مون سان انصاف ڪرڻ بدران مون کي ڏسي کلندا رهيا.

Sanghar woman insult

متاثر عورت زاروقطآر روئيندي چيو ته پوليس جي اهڙي رويي سبب هُو مايوس ٿي ايس ايس پي آفيس سانگهڙ ويا  ايس ايس پي آفيس مان درخواست تي نوٽ لڳرايو. ايس ايس پي آفيس جي هدايتن باوجود لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس فرياد وٺڻ بدران ٺٺوليون ڪندا رهيا.

متاثر عورت ۽ سندس وارثن دانهيندي چيو ته، پاڙي جي عورتن ۽ سندس وارثن اڳ به اسان جي گهر تي ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا ۽ اسان تي تشدد ڪيو آھي ۽ اهي اسان جي گهر تي قبضو ڪرڻ ٿا چاهين ۽ اسان کي لڏائڻ ٿا چاهين. هن وڌيڪ چيو ته ٽئي ڏينهن اڳ تذليل ڪرڻ باوجود جوابدار ڌر جون عورتون ۽ سندن وارث ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. متاثر عورت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *