Friday , March 29 2024

زراعت کاتي ڏيڍ ارب رپين جي ڪرپشن، نجي ڪمپني پاران رڪارڊ ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي 2 جوابدار گرفتار

anti corruption karwai01

سنڌ سرڪار پاران ننڍن کاتيدارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽرن جي خريداري لاءِ رکيل فنڊز ۾ گهوٻيون هڻڻ واري مامري جي اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ تيز ڪئي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊفينس واري علائي ۾ قائن هڪ نجي ڪمپني جي آفيس تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن عامر ۽ احسان کي گرفتار/ ٻڌي ورتو آهي.

زراعت کاتي جي هڪ آفيسر جو چوڻ آهي ته، ننڍن کاتيدارن کي سستا ٽريڪٽرز خريد ڪري ڏيڻ واري اسڪيم ۾ انتهائي بااثر ماڻهن جي به ملوث هجڻ واري امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

جوابدارن کي گرفتار ڪندڙ اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته، جوابدار ٽريڪٽرز جي خريداري ۽ وارو سمورو رڪارڊ ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جنهن کي وقتائتي ڪارروائي ڪري ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب گرفتار جوابدار مختلف ڪمپيوٽرز ۾ محفوظ ڪيل رڪارڊ ڊليٽ ۽ ڪجهه رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي آهي.

ٽريڪٽرز جي خريداري واري مامري ۾ هن وقت تائين 6 ڄڻن کان پڇاڳاڇ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وڌيڪ گرفتارين جو به امڪان آهي. اينٽي ڪرپشن جي هڪ ذميوار آفيسر جو چوڻ آهي ته، ٽريڪٽرز خريداري واري مامري جي جاچ جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو ۽ ڪنهن بااثر ماڻهو کان به پڇاڻو ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ وري “انتهائي بااثر” شخص کان اجازت وٺڻي پوندي.

anti corruption karwai02 anti corruption karwai03

ياد رهي ته، سنڌ سرڪار پاران ننڍن آبادگارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽرز خريد ڪري ڏيڻ ۾ مالي مدد واري اسڪيم ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپين جون مالي گهوٻيون هنيون ويون آهن، جنهن ڀانڊو ڦاٽي پيو آهي.

آبادگارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽر ڏيڻ واري اسڪيم ۾ تحت پنج هزار 780 ٽريڪٽر بغير سڃاڻپ ڪارڊن جي من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ ۽ آبادگارن جي نالي تي نڪتل اڍائي هزار ٽريڪٽر ننڍن کاتيدارن کي ڏيڻ بدران اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ واري مامري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جنهن  ۾، زراعت کاتي جي ٽن ڊائريڪٽرز آغا عبدالقادر، عطاءُ الرحمٰن مري، شڪيل شيخ ۽ خانگي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر شهزاد رياض جوابدار طور نامزد ڪيو ويوآهي، جن کي گرفتار ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *