Tuesday , April 16 2024

ڪيميڪل کي کير بڻائي وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين، عوام جي آئيني حقن جوتحفظ ڪنداسين: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد/لاهور( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) غيرمعياري ۽ ڪيميائي مادن / ڪيميڪلز جي ملاوٽ واري کير جي وڪر بابت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، قوم کي دوکي ۾ رکي ڪيميڪل کي کير بڻائي وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين، عوام جي بنيادي حقن جو آئيني دائرن ۾ رهندي تحفظ ڪنداسين. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ اعجاز الحسن تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ناقص کير جي وڪري بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻه رڪني بئنچ جي سربراهه چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اهڙين رپورٽن تي ڀاڙي نه ٿو سگهجي جنهن سان معاشري ۾ ڏڦيڙ پکڙجي، جيڪي معياري کير وڪرو ڪري رهياآهن عدالت سندن ڪم بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي.

عدالت جو مقصد ڪنهن جو ڪاروبار ختم ڪرڻ ناهي. چيف جسٽس چيو ته کليل کير جي وڪري ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ناقص کير جي وڪري سان ٻارڙا متاٿر ٿي رهيا آهن جنهن تي عدالت کي سخت ڳڻتي آهي. ٻڌڻي دوران ڊي جي پنجاب فوڊ اٿارٽي نورالامين مينگل عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊي جي فوڊ اٿارٽي عدالت کي آگاهه ڪيو ته آگسٽ ۾ کليل ۽ بند کير جا نمونا وٺي ٽيسٽ ڪرايا ويا، صحت لاءِ خراب پائوڊر واري کير جي وڪري تي پابندي لڳائي وئي. هن چيو ته فوڊ سيفٽي سان کير سيفٽي جون ٽيمون ٺاهي رهيا آهيون، کير جي سيفٽي جون ٽيمون روزاني بنيادن تي کير جي نمونن جو جائزو وٺنديون.  چيف جسٽس چيو ته ٻارڙن کي دٻي جي کير تي لڳايو ويو آهي جيتوڻيڪ اهو کير ناهي،  قوم کي دوکي ۾ رکي ڪيميڪل کي کير بڻائي وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ڊي جي فوڊ عدالت کي آگاهه ڪيو ته سجاڳي مهم هلائي پئي وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇڏيو سجاڳي مهم کي، مان پاڻ متاثر آهيان، دبي تي واضح ۽ وڏن لفظن ۾ لکو هي کير ناهي ڪنهن جي دوکي ۾ نه اچو. چيف جسٽس چيو ته پيمرا کي چونداسين ته کير بابت اشتهاري مهم هلائي وڃي. عدالت سڪي کير يا ڪيميڪل کي کير بڻائي وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جا تفصيل طلب ڪري ورتا ۽ ڪمپنين کان جواب طلبي لاءِ نوٽيس به جاري ڪيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته مينهن تي لڳندڙ انجيڪشن تي پنجاب ۾ پابندي لڳائي وئي آهي يا نه، ڪڪڙين کي جيڪي انجيڪشن اوراسٽرائيڊز لڳائي ويندا آهن تن جا اثر اسان جي جسم تي اچي رهيا آهن، چڪن کائڻ سان ٻارڙن جا هارمونز تبديلي ٿيڻ جون شڪايتون عام آهن. عدالت انجيڪشن جي وڪري ۾ ملوث ڪمپنين کي منع نامو جاري ڪرڻ جي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *