Friday , April 19 2024

ريڻي ڪئنال ڪرپشن ڪيس، وڪيلن پاران فوتي ڄاڻايل جوابدار جيئرو نڪري پيو….!!

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، ڪنهن به ڪيس ۾ جوابدادر يا مدعي جي وڪيلن پاران عدالت کي ڏنل ڄاڻ ته اڪثر اعتبار ڪيو ويندو آهي؛ ريڻي ڪئنال منصوبي ۾ ڪرپشن ڪيس جي جوابدار نياز احمد سهتو کي فوتي ڄاڻايو ويو هو، پر هاڻي اهو ته جيئرو ظاهر ٿي پيو. عدالت جوابدار جي ضمانت رد ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ريڻي ڪينال ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي فوت ٿيڻ واري ڪوڙي خبر ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جوابدار جي ضمانت رد ڪري کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ريڻي ڪينال جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ وارين رٿائن ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ ڌرين جي وڪيلن دليل ڏنا. سنڌ هاءِڪورٽ ۾ گذريل پيشيءَ تي فوتي ڄاڻايل جوابدار جي زنده هئڻ واري بيان تي عدالت پاران سخت حيرت ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. عدالت جو چوڻ هو ته گذريل پيشيءَ تي نياز احمد سهتو کي فوتي ڄاڻايو ويو ۽ هاڻي ٻڌايو پيو وڃي هو زنده آهي، اسان وڪيلن تي اعتماد ڪندا آهيون. عدالت جوابدار نياز احمد سهتو جي ضمانت رد ڪندي کيس جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ آبپاشي کاتي جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جو چهرو هر ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون اچي رهيو آهي، ڪٿي اوهان ايمانداري سان به ڪم ڪيو آهي يا رڳو مال ئي ڪمايو آهي. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *