Thursday , April 18 2024

رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس، اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري شاهد رفيع گرفتار

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سان گڏ ڪرپشن ريفرنس جي جوابدار شاهد رفيع کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته شاهد رفيع ڪرپشن جي 11 ريفرنسز ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته شاهد رفيق جي گرفتاري دوران سندس ناٺي راجا دانيال نيب عملدارن سان مزاحمت ڪئي، هٿياربند گارڊز سان گڏجي نيب کي آفيسرن کي هراسان ڪيو، جنهن بعد نيب سندس خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته راجا دانيال اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جو ويجهو مائٽ ۽ شاهد رفيق جو ناٺي آهي، نيب ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪري راجا دانيال خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *