Friday , March 29 2024

رياست ماڻهو اغوا ڪندي ته پوءِ ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙن ۽ رياست ۾ ڪهڙو فرق رهجي ويندو: نثار کهڙو

 Nawab LaghariGhulam Qadir Marri 1

سينئر صوبائي وزير  ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته جيڪڏهن رياست ماڻهن کي اغوا ڪندي ته پوءِ ڀنگ لاءِ  اغوا ڪندڙن ۽ رياست ۾ ڪهڙو فرق رهجي ويندو، جيڪڏهن ڪو ادارو ڪنهن کي گرفتار ڪري ٿو ته، ان کي 24 ڪلاڪن اندر ظاهر ڪيو وڃي، پ پ جا اڳواڻ ۽ همدرد اغوا ناهن ٿيا پر انهن کي کنڀيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ پ پ جي ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته، جهڙي طرح ضياءَ ۽ مشرف جي دور ۾ پيپلز پارٽي جو همدرد بڻجڻ به ڏوهه هوندو هو، ساڳي طرح اڄڪلهه به ان دور کي ورجايو پيو وڃي.

هن چيو ته، غلام قادر مري، اشفاق لعاري ۽ نواب لغاري نه ته اغوا ٿيا آهن ۽ نه ئي وري اهي پراسرار نموني گم ٿيا آهن، پر انهن کي رياست اغوا ڪيو آهي. جيڪڏهن رياست ماڻهن کي اغوا ڪندي ته پوءِ ڀنگ لاءِ ماڻهن کي اغوا ڪندڙن ۽ رياست ۾ ڪهڙو فرق رهجي وڃي ٿو.

نثار کهڙو چيو ته نواز شريف جو وزير چوڌري نثار هي سڀ ڪجهه ڪرائي رهيو آهي، نواز شريف جي نڪ هيٺان اسان جا ماڻهو کنڀجي وڃن ٿا، ڇا هي سڀ ڪجهه چوڌري نثار کي ٻڌائڻ کانسواءِ اسان جي ماڻهن کي کنڀيو پيو وڃي.

صوبائي وزير چيو ته، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي رياست اغوا ڪندي ته پوءِ انهن، ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪندڙ ڏوهارين ۽ رياست ۾ ڪهڙو فرق رهجي وڃي ٿو، رياست ماڻهن کي اغوا ڪري انهن کي گم ڪيو پيو وڃي، ڇا اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهو سڀ ڪجهه ڪو رستي ويندڙ رهزن نه پيا ڪن پر اهو رياست ڪري رهي آهي،

نثار کهڙو چيو ته جيل، گوليون ۽ بي بنياد الزام اسان کي جهڪائي ۽ راهه تان هٽائي نه سگهندا.

Nisar Khuhro 2Mola bux chandio1

هن چيو ته غلام قادر مري کي انڪري گم ڪيو ويو آهي جو سندس ڪوششن سان پيپلز پارٽي ٻيهر سرگرم ٿي رهي هئي، پ پ پنجاب خاص طور تي لاهور ۾ چوڌري نثار جي پڇ تي لت ڏني آهي، جنهن سبب سندن وايون بتال ٿي ويون آهن.

سينئر صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو ڏوهه آهي ۽ ان کي ڪو ادارو گرفتار ڪري ٿو ته، سندس وارثن کي اطلاع ڏئي 24 ڪلاڪن اندر ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ٻي طرف اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته وفاقي حڪومت پ پ خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪنهن اڳواڻ  يا  ڪارڪن جو ڏوهه آهي ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، اڳواڻن يا ڪارڪنن کي گم ڪرڻ غلط عمل آهي.

پ پ اڳواڻ  جو وڌيڪ چوڻ هو ته چوڌري نثار ڪجهه عرصي کان ڌمڪيون ڏئي رهيو هو، هاڻي انهن ڌمڪين تي عمل ٿي رهيو آهي. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي لاهور وڃڻ بعد نواز ليگ وارن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، آءِ  جي  صوبائي حڪومت سان نٿو ٺهي ته کيس رهڻ جو حق به ناهي.

مولابخش چانڊئي چيو ته قطري ۽ پٿري بعد هاڻي خطري ايندو ته حڪمرانن کي خبر پئجي ويندي،  عدالتن کي سنڌ ۾ 18،18 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ وفاقي وزيرن جي ڪوڙن بيانن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *