Thursday , March 28 2024

”روس کي وري سيکت ڏجي“، آمريڪا پاران ننڍا ائٽم بم ٺاهڻ تي غور

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا هڪ ڀيرو وري روس کي سيکت ڏيڻ لاءِ نئين منصوبي تي ويچارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن لاءِ هڪ خطرناڪ تجويز غور هيٺ آهي ته، روس کي منهن ڏيڻ لاءِ ننڍا ننڍا ائٽم بم ٺاهيا وڃن. نيو ڪليئر پوسچر ريويو  نالي پينٽاگو جي پاليسي بيان ۾ آمريڪي فوج روس خلاف ننڍا ائٽمي هٿيار ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي. آمريڪي فوج چيو ته روس سمجهي ٿو ته آمريڪا جا ائٽمي هٿيار تمام گهڻا وڏا آهن ۽ مزاحمت لاءِ ڪارائتا نه آهن تنهن ڪري آمريڪي فوج جي تجويز آهي ته ننڍا ائٽمي هٿيار ٺاهي روس جي غلط فهمي کي ختم ڪيو وڃي. لويلڊ هٿيار ننڍا ۽ گهٽ طاقتور هوندا آهن پر پوءِ به تباهي پکيڙيندڙ هوندا آهن. ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻي تي جاپاني شهر ناگا ساڪي تي جيڪو ائٽم بم ڪيرايو ويو اهو به ايترو ئي طاقتور هو پر پوءِ ان جي نتيجي ۾ 70 هزار ماڻهو مارجي ويا. ٻي طرف آمريڪي نائب بچاءَ واري وزير پيٽرڪ شينهن واشنگٽن ۾ بريفنگ دوران چيو ته سندن ائٽمي هٿيارن آمريڪا کي 70 سال کان وڌيڪ عرصي لاءِ محفوظ رکيو جنهن جي خاتمي کي برداشت نه ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *