Saturday , April 20 2024

رمضان جو مهينو ايندي ئي سنڌ واسين لاءِ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ زندگي عذاب بڻائي ڇڏي، بجلي جي بندش زور وٺي وئي

loadsheding protest sepcoloadsheding protest sepco lrk

سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي دوران رمضان المبارڪ جي ٽئين صحري به اونداهي ۾ ڪئي، ٽيون روزو به بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ قهر جي گرمي ۾ گذاريو پيو وڃي. روزيدارن سميت عام شهري ڏچي هيٺ، بجلي تي هلندڙ ڪاروبار ۽ صنعتون متاثر، 7 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ بيهوش، مختلف شهرن ۾ جلوس، مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا پيا وڃن، ميرپورخاص ۾ مڇريل شهرين جي حيسڪو جي 2 آفيسن ۾ ڀڃ ڊاهه  به ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان گڏ ڪيل معلومات ڪراچي ۾ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم نه ٿي سگهيو. گذريل ڏينهن نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي جي نتيجي ۾ شهر جي 60 سيڪڙو علائقن کي بجلي جي فراهمي معطل  رهي. نيشنل گرڊ مان ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي فراهمي بحال ٿيڻ باوجود ڪراچي جي گلشن اقبال، گلستان جوهر، شانتي نگر، ڀٽائي آباد، سچل ڳوٺ، يونيورسٽي روڊ، صدر، ملير، لياري، ڊفينس، ڪلفٽن سميت مختلف علائقن ۾ سحري ۽ افطاري جي وقت تي بجلي جو بريڪ ڊائون رهيو، ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب وقفي وقفي سان بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ ڪري روزيدارن سميت عام شهرين کي پريشاني مان گذرڻو پيو. ڄامشوري جي ٿرمل پاور هائوس ڪالوني ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون ۽ لوڊشيڊنگ خلاف سوين رهواسي گهرن مان نڪري آيا، هنن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي  ريلي ڪڍي مک گيٽ آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ملازم اڳواڻن نظير احمد ڇڄڙو، نواب خان ڇڄڙو، بشير احمد چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته ٿرمل پاور هائوس جا ملازم وڏي جفاڪشي ڪري رڪارڊ بجلي پيداوار حاصل ڪري رهيا آهن پر انهن جي رهائشي ڪالوني ۾ بنا جواز بجلي جي بريڪ ڊائون ۽ بدترين لوڊشيڊنگ عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي.

ميرپورخاص ۾ قهر جي گرمي باوجود حيسڪو پاران لوڊشيڊنگ ۽ گھٽ وولٽيج جو سلسلو 24 ڪلاڪن کان جاري آهي جنهن ڪري روزيدار عتاب ۾ هجڻ سان گڏ ڪيترن ئي گھرن ۾ فرج، پکا، بلب ۽ پاڻي جون موٽرون سڙي ناڪاره ٿي ويون آهن. حيسڪو جا عملدار آفيسن ۽ ڪمپلين سينٽرن تان غائب رهيا،  ٻئي طرف ڪالهه افطار کانپوءِ شهرين جي هجوم حيسڪو هيرآباد آفيس تي ڪاهه ڪري ڏني، جتي عملو کسڪي ويو، مڇريل شهرين نعرا هڻندي ڪمپلين آفيس ۾ پيل ڪرسين، تارن ۽ ڏاڪڻن کي ٻاهر ڪڍي باهه ڏئي ڇڏي. لالچند آباد حيسڪو مرڪز تي وڏي انگ ۾ ماڻهن ڪاهه ڪري ڏني،جتان به عملو فرار ٿي ويو، اهڙن واقعن بعد حيسڪو پاران شهر ۾ شڪايتي مرڪزن کي تالا هڻي عملي کي موبائيل فون بند ڪري رکڻ ۽ گهرن تائين محدود ٿيڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

سڄي سنڌ مان اهي شڪايتون ملي رهيون آهن ته، بجلي جي بندش بعد جڏهن ڪجھ دير لاءِ بجلي اچي ٿي ته وولٽيج تمام هجن ٿا جنهن جيڪري، 3 ڏينهن کان مختلف شهرن ۾ 15 ٽرانسفارمر ناڪاره هجڻ ڪري مختلف علائقا بجلي کان محروم آهن.

ڪوٽ غلام محمد ۾  ڪالهه ڏينهن جو بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ  سبب شديد گرمي ۾ ماڻهن کي سخت عذاب ڀوڳوڻو پيو، جڏهن ته رات دير تائين به بجلي بند هئڻ  ڪري شهر اوندهه ۾ ٻڏل رهيو، گرمي سبب 3 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهر ۾ پاڻي ۽ اٽي جو به بحران پيدا ٿي ويو آهي، هوڏانهن گرمي ۾ لوڊشيڊنگ کان بيزار ٿيل ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، شهرين ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين عابد قائمخاني طفيل لغاري لائق قائمخاني، وحيد قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ حيسڪو جو ايس ڊي او توڙي ٻيو عملدار نه پهچڻ تي مڇريل ماڻهو احتجاج ڪندا شهر جي انٽري گيٽ تي پهتا ۽ رڪاوٽون وجهي ٽائرن کي باهيون ڏئي ايس ڊي او خلاف نعريبازي ڪندي 4 ڪلاڪن تائين ميرپور-سامارو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

عمرڪوٽ سميت ضلعي جي شھري علائقن ۾ 18 ڪلاڪ ۽ ٻھراڙي وارن علائقن ۾ 20 کان 22 ڪلاڪن تائين بجلي بند ھجڻ ڪري عوام سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آھي، پاڻي جي فراھمي معطل ٿيڻ سان گڏ برف جو بحران پيدا ٿي ويو آھي، ڪالهه سخت گرمي ۽ بجلي نه ھجڻ ڪري عمرڪوٽ سميت آس پاس جي علائقن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻھو بيھوش ٿي ويا. ڪنري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ماڻهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون، شديد گرمي  ۽ 15 کان 20 ڪلاڪ ڊگهي اڻ اعلانيل  لوڊشيڊنگ سبب بجلي تي هلندڙ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، رات توڙي ڏينهن شديد گرمي ۽ بجلي گم هجڻ ڪري اسپتالن ۾ بيمارن، پوڙهن ۽ ٻارن کي وڏي عذاب واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

loadsheding protest 01

ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ هلندڙ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ روزيدارن ۽ شهرين لاءِ آزار بڻجي وئي آهي، لوڊشيڊنگ ڪري روزيدارن لاءِ افطاري ۽ سحري ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، ڍمبڙ، نصرپور، مٺي، سامارو، خيرپور، فيضگنج، ڪرونڊي، اڪري، ٺري ميرواھ، گمبٽ، ڪوٽڏيجي، لاڙڪاڻو سکر، شڪارپور، ميرپور ماٿيلو ۽ ٻين شهرن به بجلي جي بندش وارو آزار جئين جو تيئن جاري آهي.

شهيد بينظير آباد ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ خاص طور تي سحري ۽ افطاري تي گئس ۽ بجلي جي بحران شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب روزيدارن کي سحري ۽ افطاري ۾ وڏين تڪليفن کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. جاتي ۽ آسپاس جي 150 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي 20-20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ٿيڻ معمول بڻجي وئي آهي،  جاتي شھر سميت ڳوٺن ۾ پاڻي جي فراھمي به بند ٿي وئي آهي، جنهن ڪري شھري پئسن تي مھانگو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھن، نصرپور ۽ ڀرپاسي جي 100 ڳوٺن ۾ غيراعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي، افطاري ۽ سحري وقت اڪثر بجلي نه هئڻ سبب روزيدارن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٺٽي ۽ ڀرپاسي ۾ 12 ڪلاڪ  لوڊشيڊنگ سبب روزيدار پريشان رهيا، ميهڙ ۾ سيپڪوپاران 12 کان 14 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيدنگ خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائي جو بائڪاٽ ڪيو ويو. ميهڙ ۾ وڪيلن  ڪورٽ بلڊنگ کان ايوان صحافت تائين   ميهڙ بار جي جنرل سيڪريٽري عبدالخالق ٻگهيو ، امجد حسين ٻلهڙو ، رياض ڏيرو، خالد جتوئي ۽ سعيد پنهور جي اڳواڻي ۾  پيادل مارچ  ڪري مظاهرو ڪيو، هنن سيپڪو آفيس ۽ ايوان صحافت آڏو ڌرڻا هنيا، ٻئي طرف ميهڙ جي شهباز ڪالوني ۾ بجلي بند هجڻ ، سخت گرمي سبب ساهه ٻوساٽڻ جي ڪري نينگر  عاشر علي جانوري فوت ٿي ويو، سيوهڻ شھر ۾ بجلي جو آزار وڌي ويو آهي، سيوهڻ شهر جي معصوم ٻارڙن بودلا بهار پاڙي کان  نٽهڻ اس ۾ جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو، ڀان سيد آباد ۾ لوڊشيڊنگ خلاف ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ شهرين اصغر شاهاڻي ۽ ڪامريڊ امير بخش خشڪ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايس ڊي او آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو، هالاڻي ۾ به 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيڻ سبب رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ٺل تعلقي جي ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ رهواسين جون متيون منجهائي ڇڏيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ٺپ ٿيل آهي،  چڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گرمي جي لهر جاري آهي، سخت گرمي سبب گذريل ڏينهن  چڪ ۽ ڀرپاسي ۾ 2 ڄڻا پيرسن 90 ورهين جو حاجي دين محمد انصاري ۽ 68 سالن جو عبدالرزاق جتوئي  فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اسپتالن ۾ داخل آهن، ٻئي طرف ٺٽي ۾ ايس ايس پي آفيس جي آپريٽر اشفاق آرائين جو والد حاجي دين محمد آرائين گرمي جي سٽ نه سهندي مڪلي هيڊڪوارٽر جي رهائشي ڪالوني ۾ گهر ۾ فوت ٿي ويو،  ٽنڊي باگو ۾ سحري ۽ افطاري جي وقتن سميت 10 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ سبب روزيدار سخت گرمي ۾ پريشان ٿيندا رهيا، جڏهن ته شهر ۾ بجلي  تي هلندڙ ڪاروبار ٺپ رهيو، سنجهوري ۽ ڀرپاسي بجلي بند هئڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي،  راڻيپور ۾  8 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت پريشان رهيا، جڏهن ته افطاري ۽ تراويح نماز وقت به بجلي بند رهي، بجلي نه هجڻ سبب پاڻي پڻ اڻ لڀ بڻجي ويو، سيپڪو انتظاميا  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شديد گرمي سبب بجلي  جون تارون ڪري پيون آهن، جنهن ڪري بجلي جو بريڪ ڊائون ٿي ويو آهي، سانگهڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سخت گرمي ۽ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ روزيدارن جون دانهون ڪڍرائي ڇڏيون، ڪارخانن ۾ برف نه ڄمڻ سبب شهر ۾ برف پڻ نه ملي سگهي، جروار ۽ ميرپور ماٿيلو جي گهنٽا گهر چوڪ تي غلام حيدر بوزدار، هشمت رام، عبدالرشيد لغاري ۽ علي  حسن ڪورائي جي اڳواڻي ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ  خلاف ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا، ٿاڻو بولاخان، ٿاڻو عارب خان، ٿاڻو احمد خان، تونگ، ٽڪو بارڻ، علي مراد باريجو ۽ تعلقي جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بجلي بند ٿيڻ سبب سخت گرمي ۽ لڪ ۾ رهواسي عذاب ڀوڳين پيا، جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿيڻ کانپوءِ رهواسي مهانگي اگهه تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، هوڏانهن لاڙڪاڻي جي ڀينس ڪالوني، نظر پاڙي ۽ ٻين علائقن ۾ سخت گرمي دوران بجلي جو بحران وڌي ويو، ڀينس ڪالوني ۾ سيپڪو عملي ۽ شهرين ۾ بجلي  ٺاهڻ تان جهيڙو ٿي پيو، ڌڪ لڳڻ سبب لائين مين محمد پنهل زخمي ٿي پيو جنهن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، زخمي پنهل جتوئي طرفان حد جي رحمت پور ٿاڻي تي يونين ڪاميٽي جي چيئرمين چنگيز ابڙو، وائيس چيئرمين زبير تنيو، منٺارجمالي، ساجد شاهه ۽ مشتاق سميت 15 شهرين مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي، ان سلسلي ۾ هائيڊرو يونين جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ايل ايم مٿان حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري سيپڪو عملي کي تحفظ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *