Thursday , March 28 2024

رتوديرو ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار، 2 ڄڻا مارجي ويا

رتوديرو (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) رتوديرو ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري زمين تي ڪم ڪندڙ ٻن سڳن ڀائرن کان حياتيون کسي گرفتاري جي ڊڄ کان ڀڄي ويا. شهداد ڪوٽ باءِ پاس تي 2 سڳا ڀائر سرفراز ۽ فقير پٽ احمد علي جوڻيجو پنهنجي زمين ۾ ڪم ڪري رهيا هئا ته اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڀائر موقعي ٿڏي تي زندگي جي جنگ هارائي ويا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيا، ڊي ايس پي رتوديرو انصار مٺاڻي جو چوڻ هو ته هن زمين تي ڪيتري ئي عرصي کان جوڻيجا ۽ جويا برادري وچ ۾ تڪرار هلندڙ آهي، هي واقعو ان جي ڪڙي لڳي رهيو آهي. پوليس پاران قاتلن جي ڳولا جاري آهي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ٻن ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتاري جي ڊڄ کان ڀڄي ويا، جن کي پوليس اڇا تائين ٻڌي ناهي سگهي ۽ نه ئي ڪيس يداخل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *