Tuesday , April 23 2024

ربيع جي مند ۾ پاڻي جي کوٽ صرف سنڌ برداشت ڪندي؟ نواب يوسف ٽالپر

اسلام آباد(سنڌسماءَچارمانيٽرنگ) سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ جو پڙاڏو قومي اسيمبليءَ ۾ گونجڻ لڳو آهي، نواب يوسف ٽالپر چيو آهي ته، پاڻي جي کوٽ سڄي ملڪ لاءِ آهي يا ان جو عذاب صرف سنڌ ئي ڀوڳيندي. وفاقي وزير سيد جاويد علي شاهه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ برساتن جي گهٽتائي سبب پاڻي جي مجموعي کوٽ 36 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، برسات جي پاڻي کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڊيم ٺاهيا ويندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران، ربيع جي مند ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز نواب يوسف ٽالپر، شازيه مري، سيد نويد قمر ۽ عبدالستار بچاڻي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته، پاڻي جي کوٽ رڳو هڪ صوبي جي لاءِ آهي يا پوري پاڪستان جي لاءِ آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1530 فوٽ تي اچي ٿي ته ڏهاڙي 2 فوٽ ڀرندا هئا. جنهن بعد نومبر ۾ هڪ فوٽ ڪيو ويو آهي جنهن سبب ڊيم ڀرجي نه سگهيو ۽ بلوچستان کي 11 سيڪڙو اضافي پاڻي ڏنو پيو وڃي. پاڻي ۽ بجلي واري وزير جاويد علي شاهه انهن نقطن جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته منگلا ڊيم، تربيلا ڊيم، درياءَ سنڌ، درياءَ جهلم، درياءَ ڪابل ۾ پاڻي جو وهڪرو بهتر ٿيو آهي. هن چيو ته 35000 ڪيوسڪ سنڌ کي گهربل آهي ۽ ڏهاڙي ايترو ئي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق هدايت ڪئي ته پاڻي جي کوٽ جو مسئلو انتهائي اهم آهي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ شامل جيڪي ميمبر دلچسپي رکن ٿا انهن جي لاءِ پاڻي واري وزارت ٻئي اجلاس ۾ خصوصي بريفنگ جو انتظام ڪري. عبدالستار بچاڻي جي سوال تي پاڻي معاملن واري وفاقي وزير سيد جاويد علي شاهه چيو ته سنڌ کي فراهم ٿيندڙ پاڻي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪٽ ناهي هنيو ويو. جيتري طلب آهي اها پوري ڪئي پئي وڃي. شازيه مري جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته تربيلا ڊيم مان 3.456 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. سيد نويد قمر جي سوال تي هن چيو ته گڊو بيراج تي ٻن طرفن کان پاڻي ملي رهيو آهي، هڪ طرف چشما ٻئي طرف پنجند مان اچي رهيو آهي. پاڻي جي جيڪا کوٽ ٿي آهي اها چشما مان پاڻي کڻي کوٽ پوري ڪئي. سنڌ کي پورو پاڻي فراهم ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر عذرا فضل جي سوال تي هن چيو ته تربيلا مان پاڻي چشما ۽ چشما مان گڊو ۾ اچي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪا گهٽتائي رهجي وڃي ته تونسه مان پاڻي پورو ڪري ارسا سنڌ کي پاڻي ڏئي رهي آهي.

پ پ ايم اين ايز جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ڳالهائيندي وفاقي وزيرجاويد علي شاهه چيو ته هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، پاڻي نه رڳو زراعت جي استعمال، بجلي حاصل ڪرڻ پر انسان ۽ انسانيت جو مسئلو آهي. هن چيو ته پاڻي جي گهٽتائي جو سبب برساتون گهٽ ٿيڻ آهي. اسان جو اندازو هو ته 20 کان 21 سيڪڙو پاڻي جي گهٽتائي ٿيندي. جڏهن ته هن وقت 36 سيڪڙو پاڻي جي گهٽتائي درپيش آهي.  هن چيو ته پاڻي جو مجموعي خارج 43.2 تائين پهچي ويو آهي. اميد آهي ته برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ سان پاڻي جي کوٽ ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته گذريل سال جي ذخيري مان به پاڻي استعمال ڪرڻو پيو آهي. ان مسئلي جو اصل حل پاڻي جا ذخيرا ٺاهڻ ۾ موجود آهي. هن چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم منصوبو تيار آهي ان تي فنڊنگ ٿئي ته ڪم شروع ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح مهمند ڊيم سميت ڪيترائي ننڍا ڊيم ڪي پي ڪي، بلوچستان ۾ آهن جن تي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ فنڊنگ ٿئي ته ايندڙ وقت ۾ پاڻي جي کوٽ ۾ گهڻي حد تائين گهٽٽائي ايندي. هن چيو ته اهو تمام وڏو مسئلو آهي ان تي رڳو ڳالهيون نه عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ ڪجهه شيون صوبن وٽ هليون ويون آهن. وفاق ۽ صوبا فنڊنگ جو مسئلو حل ڪن ته اهو معاملو حل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته گوادر ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جو پلانٽ پڻ هڻڻو هو ان تي ڪم شروع ٿيڻ گهرجي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *