Friday , March 29 2024

راڻيپور: ڀيلار ڳوٺ جي رهواسين جوپبلڪ ھيلٿ کاتي ۾ ڪرپشن خلاف ٻئي ڏينھن به احتجاج، بک هڙتال

راڻيپور(شيرمحمدسولنگي) پبلڪ هيلٿ اننيئرنگ کاتي ۾ ڪرپشن خلاف ڳوٺ ڀيلار جي رهواسي جي احتجاجي تحريڪ جاري آهي، ڳوٺاڻن پاران ڪرپشن ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف قومي شاھراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري، علامتي بک هڙتال ڪئي.

ڳوٺاڻن محمد ايوب سھتو، واليڏنو صديقي، فرزند علي سھتو۽ عارف علي ڀيلار جي اڳواڻي ۾ جاري احتجاجي تحريڪ جي ٻئي ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ تي علامتي بک هڙتال ڪئي. احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته، راڻيپور پبلڪ ھيلٿ گذريل 8 ورھين ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪري فنڊز ۾ ڪرپشڻ ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته ايس ڊي او کي بار بار ڳوٺ گڏيجي ۽ ڀيلار وڏا جو ڊرينيج نظام ناڪاره ھئڻ جون لکت توڙي زباني شڪايتون ڪرڻ با وجود ڪو به تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي. هنن چيو ته ڊرينيج نظام تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي مرمت لاءِ آيل فنڊز ببه فائلز ۾ خرچ ڏيکاري هڙپ ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته ھڪ لک آبادي آھي جيڪا آبادي گندي پاڻي جي نيڪال نه ھئڻ سبب سخت پريشانين ۽ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ٻن ڏينھن ۾ پبلڪ ھيلٿ جو يا ڪو چونڊيل ايم اين اي يا ايم پي اي لڙي به نه آيو آھي. هاڻي سندن صرف ملڪ جي اعليٰ عدالتن تي اعتماد آھي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو وڃي ۽ ڪرپٽ ڪامورن، توڙي چونڊيل نمائندن خلاف ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *