Thursday , March 28 2024

راڻيپور۾ بدامني جو راڄ، 24 ڪلاڪن دوران 5 وارداتون، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو

Ranipur1

راڻيپو ( شيرمحمدسولنگي) راڻيپور شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، علائقي واسين پاران ايس ايس پي سميت لاڳاپيل عملدارن کي دانهڻ باوجود ڏوهارين خللاف ڪو به قدم نه پيو کنيو وڃي. سچل ڪاليج ڀرسان 3 ھٿيار بند چوري جي ارادي سان برڪت آرائين جي گھر ۾ داخل ٿيا ته گھر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا،فائرنگ ۾ علائقي واسي پورھيت فاروق آرائين زخمي ٿي پيو. پوليس چورن پٺيان وڃڻ يا چورن ۽ جي ڳولا بدران ڀاڳين ٻن ڀائرن جاني ۽ ارشد آرائين کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو.

هڪ ٻئي واردات ۾ ڳوٺ وزير حسين جوڻيجي ڀرسان ملائيشيا ۾ ملازمت ڪندڙ عبدالرزاق جي گھر ۾ اڻسڃاتل چور داخل ٿي اڍائي لک رپيا روڪ رقم 9 تولا سونا زيور 4 عدد قيمتي موبائل فون ٻيو قيمتي سامان جنهن جي ماليت 8 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي کڻي فرار ٿي ويا. ڳوٺ علي آباد وساڻ سامھون ڏينھن ڏٺي قومي شاھراهه تي ٽن ھٿيار بندن ڳوٺ غلام جعفر خاڪي کان ايندڙ پورھيت نذير احمد خاڪي سندس امڙ مسمات صحت خاتون کان 50 ھزار روڪ ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ڦر ۾ متاثرن خدا بخش ۽ اقبال سميت ٽن ڄڻن مٿان ڏوھ ڪرڻ جو الزام ھنيو ! چوٿين واردات ۾ ڳوٺ مير خان شاھاڻي جي ٽرانسپورٽر علي حيدر شاھاڻي پنھنجي ڳوٺ ۽ برادري جي آفتاب ۽ سندس ڀاءُ عبدالقادر سميت 6 جوابدارن مٿان 17-97 ۽ قلم 452 تحت گھر ۾ زبردستي داخل ٿي فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو.

راڻيپور جي پراڻي بس اسٽاپ جي ھمدرد پاڙي ۾ رھندڙ بھادر علي ڀٽي گناه نمبر 17-95 ۽ قلم 452-147-148 ۽ 149 تحت شيخ برادري جي شاھد علي سندس ڀاءُ علي گل خان محمد ۽ اعجاز سميت 5 ڄڻن مٿان گھر ۾ داخل ٿي حملي جو ڪيس داخل ڪرايو آھي. پوليس ٻن ڀاڳين کانسواءِ ڪنهن به جوابدار کي گرفتر نه ڪري سگهي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس ڪنهن به وادات جي جاچ ڪرڻ بدران مختلف بهانا ڪري فريادي / متاثرن کي تنگ ڪندي رهي ٿي. جنهن جو ايس ايس پي زميت لاڳاپيل اختيارين کي شڪايتون ڪيون آهن ڪير به تدارڪ نه ٿو ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *