Saturday , April 20 2024

راحيلا مگسي سرڪاري زمين جا 74 ايڪڙ ڌيءُ جي نالي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري زمين پٽ ۽ ڌي جي نالي منتقل ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ نون ليگ سينيٽر راحيله مگسي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي مئي جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اينٽي ڪرپشن اختيارين چيو ته سينيٽر راحيله مگسي ضلعي ناظمه واري دور2005 ۾ 74 ايڪڙ سرڪاري زمين پنهنجي پٽ ۽ ڌي جي نالي منتقل ڪرائي هئي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اينٽي ڪرپشن جي اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته سينيٽر راحيله مگسي انڪوائري ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي. اينٽي ڪرپشن جي اختيارين چيو ته راحيله مگسي ضلعي ناظمه واري دور 2005 ۾ 74 ايڪڙ سرڪاري زمين پٽ ۽ ڌي جي نالي غيرقانوني منتقل ڪرائي هئي. راحيله مگسي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خلاف پ پ  جي چوڻ تي انتقامي ڪارروائي طور  2005 واري معاملي جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي. عدالت اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کي هڪ مهيني ۾ انڪوائري مڪمل ڪرڻ ۽ سينيٽر راحيله مگسي کي سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت سينيٽر راحيله مگسي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي مئي جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *