Thursday , March 28 2024

رائو انوار جي معطلي آصف زرداري جون پريشانيون وڌائي ڇڏيون:ذريعن جي دعويٰ

ڪراچي ( اصغر آزاد    سنڌ سماءَ چار) ملير جي طاقتور ايس ايس پي رائو انوار جي معطلي ۽ سندس خلاف ڪاررواين آصف زرداري جي پريشانين ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. ملير جي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شڪي پوليس مقابلي ۾ قبائلي نوجوان نقيب الله محسود جي مارجڻ واري معاملي بعد ايس ايس پي رائو انوار جي معطل ڪري سندس خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. رائو انوار آءِ جي سميت ڪنهن به جاچ ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ کان ئي کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب رائو انوار جيڪو اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي سربراهه آصف زرداري  جو ساڄو هٿ سمجهيو وڃي ٿو؛ ان کي پيغام موڪليو ته سندس خلاف ڪاررواين کي روڪرايوم  وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري کيس دلاسو ڏنو ۽ دادو جي هڪ بااثر شخصيت وٽ وڃي رهڻ جو چيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته رائو انوار اڻڄاتل ڪارڻ ڄاڻائيندي دادو وڃڻ کان انڪار ڪندي سنڌ ۾ ڪٿي به لڪڻ کان جواب ڏيندي، معطلي کانپوءِ ٻن ڏينهن تائين رائو انوار آصف زرداري سان رابطو ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. مڪراچي جي ڪجهه صحافين کان مليل ڄاڻ موجب رائو انوار جن صحافين سان بنا روڪاوٽ جي رابطي ۾ رهندو هو انهن سان به رابطو ڇڊو ڪري ڇڏيو، هڪ سينئر صحافي جو چوڻ آهي ته ان جو ڪارڻ اهو هو ته، رائو انوار کي شڪ پئجي ويو آهي ته، انهن صحافين مان ڪجهه پ پ جي اهم اڳواڻن معرفت سندس بابت ڄاڻ معلومات آصف زرداري تائيين پهچائي رهيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري گذريل رات اسلام آباد مان دبئي فرار ٿيڻ ۾ ناڪامي بعد جڏهن رائو انوار ايف آءِ ايف جي اختيارين پاران رڪاوٽون پيش آيون ته ان وقت رائو انوار هڪ پ پ اڳواڻ سان رابطو ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو. جنهن بعد ڪجهه منٽن کان پوءِ رائو انوار کي حراست ۾ وٺڻ وارو خطرو ٽري ويو. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجبرائو انوار جي معطلي کانپوءِ آصف زرداري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته بحريا ٽائون لاءِ هٿب  ڪيل زمين سميت ملير جي زمينن جي کاتن بدلائڻ وارن معاملن ۾ رائو انوار آصف زرداري لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهي. انڪري آصف زرداري کي ڳڻتي وڪوڙي وئي آهي ته جيڪڏهن رائو انوار نوجوان نقيب الله جي شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ واري معاملي ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو ته، رائو انوار کان جاچ لاءِ جي آءِ ٽي به جڙي سگهي ٿي ۽ ان صورت ۾ آصف زرداري لاءِ نيون پريشانيون جنم وٺي سگهن ٿيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *