Wednesday , April 24 2024

رائوانوار کان جاچ صرف نقيب ڪيس جي ٿيندي يا ٻين معاملن جي به؟ صوبائي وزيرن ۽ صحافين کي به پريشاني!

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) ملير جي معطل ايس ايس پي ۽ پوسٽنگ دوران ملير ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل رائو انوار جي گرفتاري کان پوءِ سنڌ ڪابينا جي ڪجهه وزيرن ۽ سيڪريٽريز ۾ پريشاني پکڙجي وئي آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، رائو انوار جي جي گرفتاري کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي ڪجهه وزيرن ۽ بلڊرز ۾ پريشاني پکڙجي وئي آهي. انهن وزيرن، ملير ضلعي ۽ ڪراچي جي اسڪيم 33 ۾ ڪاروباري ۽ رهائشي اسڪيمون اڏيندڙ ڪجهه بلڊرزپريشان آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سنڌ ڪابينا جي 3 ميمبرن/وزيرن، سيڪريٽرين ۽ ڪجهه صحافين اهم سياسي شخصيت سان به رابطو ڪيو آهي. پريشانين ۾ ورتل صحافين وري خبرون وٺڻ جي بهاني سان رائو انوار جي گرفتاري بعد پريشانين ۾ ورتل انهن معاملي جي سُڌ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وزيرن، سيڪريٽريز ۽ بلڊرز پاران اها معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته، ” ڇا رائو انوار کان صرف نقيب قتل ڪيس ۽ مختلف پوليس مقابلن بابت ئي جاچ ڪئي ويندي يا وري انهن معاملن سان گڏ ٻين معاملن جي به پڇاڳاڇا ڪئي ويندي“.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *