Wednesday , April 24 2024

دولتپور ۾ پورهيتن جي گهرن کي باهه، ٻه معصوم ٻارڙا سڙي فوت

قاضي احمد ( سنڌسماءَچار مانيٽرن گ ڊيسڪ)  دولتپور ڀرسان پورجهيتن جي گهرن کي اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا، 15 جهوپڙيون سڙي رک، متاثرن جي ڪنهن به سار نه لڌي. دولتپور ڀرسان ڳوٺ هوت جي واهڻ ۾، ڪولهي برادري جي پورهيتن جي گهرن کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه منعصم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته باهه جو اطلاع انتظاميا کي ڏنو ويو پر فائربرگيڊ نه پهتي. ڳوٺاڻن ۽ پاڙيوارن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر باهه تي ضابطو نه آيو. متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته، گهرن ۾ موجود ٻارڙن کي بچائڻ جي ڪوشش  ڪئي پر باهه تيز هجڻ ڪري هو ٻن ٻارڙن کي بچائي نه سگهيا.

گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ اتي رکيل اناج، روڪ رقم ۽ گذرسفر جو ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاذثر پورهيت اجاه سڙي رک ٿي وڃڻ سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي انتظاميا سميت ڪنهن به واهر ناهي ڪئي. متاثرن موجب اُهي، وڏيري خان محمد انڙ جي زمين تي ڪم ڪندا آهن ۽ ان جي ئي زمين تي اجها ٺاهي ويٺل هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *