Saturday , April 20 2024

دهشتگردي يا چائنا ڪٽنگ جو حق ڪنهن کي به نه ڏبو:مراد علي شاھ

speaker

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ٻيهر دهشتگردي ڪرڻ جو يا چائنا ڪٽنگ ڪرڻ جو حق گهري ٿو ته کيس ڪڏهن به اهڙو حق نه ڏينداسين، نه ئي سنڌ تقسيم ڪرڻ جو خواب ڏسندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث کانپوءِ پاليسي بيان ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  سنڌ حڪومت 161 بلين رپيا استعمال ڪري چڪي آهي. ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي گذريل سال 8 ارب رپيا ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنا ويا، اهي ڪي ايم سي ڪيڏانهن ڪيا؟ جڏهن ته اسان جي رٿائن تي 7 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، جيڪي نظر اچي رهيا آهن، صدر ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي ڀرپاسي وارين گهٽين ۾ 40 سالن کانپوءِ سيوريج لائينون تبديل ڪيون ويون. ڪراچيءَ جي ميئر نين رٿائن لاءِ 9 ارب رپيا گهريا ۽ 182 نيون اسڪيمون کڻي آيو هو، مون کيس اڳ ۾ هلندڙ اسڪيمون مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن بعد احتجاجي مظاهرا ٿيڻ لڳا. لوڪل گورنمينٽ جو بل 2013ع ۾ سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو، انهي تحت ميئر کي اختيار مليل آهن. سپريم ڪورٽ به انهي قانون جي روشني ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ چيو هو، اسان اليڪشن ڪرائي ۽ قانون موجب اختيار ڏئي ڇڏيا آهن.

مراد علي شاھ چيو ته بجيٽ ۾ زرعي انڪم ٽئڪس جو هدف هڪ ارب رپيا رکيو ويو آهي، اقليتن جي گرانٽ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 17 لک عورتن ۾ 20 جون کان 2 -2هزار ڏنا ويندا، جنهن جي لاءِ ساڍا ٽي ارب رکيا آهن، جيئن اهي خاندان عيد ڪري سگهن. هن چيو ته ايندڙ سال ٿي سگهي ٿو ته اسيمبلي پنهنجي مدت پوري نه ڪري سگهي ۽ حڪومت ختم ٿي وڃي، انهي بجيٽ کي اليڪشن جي بجيٽ چيو وڃي پيو پر اسان جي هر بجيٽ اليڪشن جي بجيٽ هوندي آهي ۽ اسين عوام آڏو جوابده هوندا آهيون، هر وقت اليڪشن لاءِ تيار رهندا آهيون.

هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي بيوقوف نه سمجهيو وڃي، هن مخالف ڌر ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته جن ماڻهن کي ڪجهه ڏينهن لاءِ اوهان بيوقوف بڻايو هو اهي هاڻ سمجهي ويا آهي، هن چيو ته حڪومت تي تنقيد سٺي ڳالهه آهي پر سٺن ڪمن جي واکاڻ به ڪئي وڃي. مراد علي شاھ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان جن کي ليڊر بڻايو هنن ملڪ کي ڇا ڏنو؟ اسانجي ليڊر ڏک واري وقت ۾ به پاڪستان کپي وارو نعرو لڳايو. خواجا اظهار کي مخاطب ٿيندي مراد علي شاھ چيو ته اوهان سنڌين جي پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين کي وساري ٿا ويهو، اوهان جا وڏا جڏهن هتي آيا ته سنڌين اوهان کي سيني سان لڳايو ۽ ڀلي ڪري آيا چوندي آجيان ڪئي. جن کي سنڌي ٻولي نه ٿي وڻي، اهي ان وقت ئي هليا وڃن ها، ڇاڪاڻ جو ان وقت اسان جي وڏن کي اردو نه ٿي آئي، انهن ته سنڌي ۾ ئي کيڪاريو هوو.

سندس چوڻ هو ته، ڪراچيءَ لاءِ 70 بلين رپيا ترقياتي ڪمن لاءِ رکيا آهن، جنهن ۾ 12 ارب جو اسپيشل پئڪيج شامل آهي پر اوهان جي ته 12 ارب تي سوئي اٽڪي پئي آهي، هن چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي مستحقن کي ٻه هزار ڏئي رهيا آهيون. 17 لک خاندانن کي 3.5 بلين رپيا ڏنا ويندا ۽ اهي 20 جون تائين جاري ڪيا ويندا. اقليتن لاءِ 13 رٿائون آهن، اسان شاگردن ۽ نوجوانن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اي گريڊ حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ روڪ انعام رکڻ واري حڪومتي قدم جي ساراهه ڪئي وئي آهي.

murad-ali-shah1

وڏي وزير پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ڪراچي جي پي ايس 112 ۽ پي اي 113 جيڪي پي ٽي آءِ جا تڪ آهن، انهن ۾ ڊرينيج واري نئين لائين وڇائي آهي، ايمپريس مارڪيٽ ۾ 660 ملين رپيا جي لاڳت سان نيڪاليءَ جي نظام کي مڪمل ڪيو. 30 ملين رپيا ڪي ايم سي ترقياتي ڪمن لاءِ خرچ ڪيا آهن. هر ڀيري اها ڳالهه ٿيندي آهي ته رقم جاري دير سان ٿي آهي، اها ڳالهه درست نه آهي. ڪالهه تائين 210.2 بلين جاري ڪيا ويا آهن، جيڪو هڪ ريڪارڊ آهي، جنهن مان 161 بلين خرچ ڪيا ويا آهن، اسان جولاءِ 2016ع ۾ 45 بلين جاري ڪيا هئا، هن وقت تائين سنڌ کي وفاق کان 68 بلين گهٽ مليا آهن. فنڪشنل ليگ جي اسيمبلي ۾ غير موجود ميمبر نند ڪمار جي تقرير جو جواب ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آسمان تي ٿڪڻ سان پنهنجو منهن خراب ٿيندو آهي، اوهان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تي الزام لڳايو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي محنت سڀني کي ياد آهي، عدالتي قتل به سڀني کي ياد آهي، 1970ع کان پاڪستان پيپلز پارٽي انقلاب آندو، جنهن ۾ ماڻهن کي ڳالهائڻ جو حق مليو ۽ وڏا وڏا بت ڊهي پيا هئا.

هن چيو ته اڄ مون کي خبر پئي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان به آهي پر ايم ڪيو ايم جا ميمبر ته ايم ڪيو ايم جي نالي تي کٽي آيا آهن، کين اڄ ايم ڪيو ايم پاڪستان چوڻ جي ضرورت محسوس ڇو پئي ٿئي؟ هن چيو ته اوهان جي ليڊر جنهن کي اوهان پير سمجهندا هئا، هن اوهان کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي پر اسان جي ليڊر ان وقت به پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، جڏهن پاڪستان خلاف نعريبازي ٿي رهي هئي، ڪالهه جنهن کي اوهان چميون پئي ڏنيون، اڄ هن جو نالو ئي مٽائي ڇڏيو آهي، هاڻي اهو وقت ويو هليو، جڏهن 300 ارب ڪراچي جي نالي تي کڻي کيس موڪليندا هئا، هاڻي 7 ارب ۾ به ڪراچي جو ترقياتي ڪم ٿئي ٿو، شهر مان ڪچرو کڻڻ ڊي ايم سي جو ڪم آهي، جنهن کي ماهوار گرانٽ ملي ٿي، اسان ڪوشش ڪئي ته مفاهمت ذريعي گڏجي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪم ڪجي، اوهان ڪراچي جي ماڻهن کي بيوقوف سمجهي رهيا هئا ته مينهن کي گاهه اهي کارائين ۽ کير اوهان پيئو، هاڻي اهو وقت ويو هليو، وڏي وزير چيو ته اسان ٻهراڙي ۽ شهري ورهاست ڪڏهن به ناهي ڪئي. هن ايم ڪيو ايم ڏانهن مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته اوهان حق چاهيو ٿا ته اوهان سنڌ جي ورهاست جا خواب ڏسڻ بند ڪريو، باقي اوهان کي چائنا ڪٽنگ ۽ دهشتگرديءَ وارو حق ڪڏهن به نه ملندو، انهي ڪري منهنجي اوهان کي گذارش آهي ته سنڌ جا ٿي وڃو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *