Friday , April 19 2024

دادو مڙس پاران ڪارنهن الزام هڻي زال کي قتل ڪري لاش گهٽي اڇلائي ”غيرت “ جو اظهار

دادو( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) دادو جي مجيد ڪالوني ۾ جوابدار مڙس دادو مڙس پاران ڪارنهن الزام هڻي زال کي قتل ڪري سندس لاش تذليل واري انداز ۾ گهٽي ۾ اڇلائي قاتل پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.  دادو ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ 25 ورهين جي زال کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش گهٽي ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ ٿاڻي تي گرفتاري ڏئي ڇڏي. مجيد ڪالوني ۾ جوابدار نظير ڪارنهن الزام مڙهي پنهنجي زال 25 ورهين جي ياسمين ٻٽ کي سندس ڳلو ڪپي قتل ڪري سندس لاش گهٽي ۾ اڇلائي ڇڏيو. جوابدار قتل ڪرڻ کانپوءِ ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏئي پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو گهٽي ۾ پيل لاش تحويل ۾ وٺي دادو سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار زال کي سندس هٿ ٻڌي سندس ڳلو ڪپي / ڪُهي قتل ڪيو آهي. علائقي مان مليل ڄاڻ مطابق جوابدار پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪندو رهندو هو. کيس اڳن به قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ناري کي جوابدار مڙس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي قتل ڪيو آهي، کيس سخت سزا ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *