Friday , March 29 2024

دادو ضلعي ۾ خوف جي علامت بڻيل نبن خان لنڊ کي پٽن مان خطرو

دادو (سنڌ سماءَ چار نيوز) دادو ضلعي ۾ خوف جي علامت طور سڃاتو ويندڙ اڳوڻو ايم پي اي هن وقت پاڻ انصاف لاءِ واجهائي رهيو آهي. سردار نبن خان لنڊ جيڪو ماضي ۾ ضلعي اندر وڏي دٻدٻي وارو هو،ان پنهنجن ٽن پٽن خلاف دانهيون آهي. نبن لنڊ جو چوڻ آهي ته، سندس پٽ سرفراز، محمود ۽ اميد علي سندس جان جا دشمن بڻجي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اڳوڻي ايم پي اي نبن خان لنڊ دادو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رات دير سان سندس ڊرائيور شوڪت ملاح کي اغوا ڪرڻ بعد  مال جي واڙي مان ملازمن کي ڀڄائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پٽن مان جان جو خطرو آهي، پٽن سندس  زمين تي به قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پٽن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرائڻ لاءِ انتظاميا سان رابطو پڻ ڪيو آهي. ان موقعي اڳوڻي ايم پي اي جي ڀاءَ احمد خان چيو ته اميد نه هئي ته ڇوڪرا ايترا نافرمان ٿيندا، اهي گهر جا معاملا آهن، گهر  ۾حل ٿين ته بهتر ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *