Saturday , April 20 2024

دادود ۾ ڏاڍن مڙسن جي اسڪول تي چڙهائي، استاد کي مارڪٽ

دادو(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) دادو جي جوهي واري علائقي ۾ بااثر ڏاڍن مڙسن ڳوٺ بري جي پرائمري اسڪول تي ڪاهه ڪري استاد کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران اسڪول ۾ موجود ٻارڙا هيسائجي گهر هليا ويا. متاثر استاد امين لغاري جو چوڻ آهي ته، بااثر ڏاڍن مڙسن باقر ۽ سهراب لغاري اسڪول ۾ معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سامهون کيس تشدد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته جوابدارن پاران تشدد جي نتيجي ۾ معصوم شاگرد به هيسائجي ويا جيڪي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا. هن الزام مڙهيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي پهتس ته ڳري رشوت گهري وئي، پئسا نه هئڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن تعليم کاتي توڙي سنڌ سرڪار استاد تي حملي جو نوٽيس ناهي ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *