Friday , April 19 2024

خيرپو: آبپاشي کاتي فيض گنج تعلقي ۾ گوسڙو ملازمن جو راڄ، ايس ڊي او ۽ ڪلارڪ موجن ۾

خيرپور: فيض گنج تعلقي جي آبپاشي نظام تي بااثر عملدارن جي قبضي سب، پاڻي چوري معمول بڻيل، 40 کان وڌيڪ گوسڙو ملازمن گذريل ڪيترن ئي ورهين کان گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. ايس ڊي او آبپاشي ۽ کاتي جي هيڊ ڪلارڪ جي ٻيگهي سبب پاڻي چوري ٿين جي نيتيجي ۾ پوڇڙ جا آبادگار معاشي ڏيوالي جي ور چڙهي ويا آهن.

آبپاشي کاتي جي مان مليل ڄاڻ موجب ڌ، خيرپور ضلعي جي تعلقي فيض گنج آبپاشي سب ڊويزن ۾ گوسڙو ملازمن جو راڄ آهي، جن جي حاضري وري ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کان به وڌيڪ بهتر ڏيکاري ويندي آهي پر اُهي گوسڙو ملازم پگهارون گهر ويٺي ئي کڻدا آهن.

آبپاشي آفيس ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ملازمن جي گوسڙو هجڻ سبب علي نواز واهه جي بيٽ نمبر 5، 7، 8 10، 11، 12 سميت ٻوهو بنگلو، ماڙي بنگلو، چانڊيا ريگيوليٽر ۽ ڀنگو ريگيو ليٽرتي ڪو مقرر ملازمن جي گوسڙو هجڻ سان ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. گوسڙو ملازمن واري ڏچي جي نتيجي ۾ ويهو واهه جي بيٽ نمبر3، 6، 7 ، 8 ، 9، پنڌرهيو واهه جي بيٽ نمبر 1 ، 3 ، 4، 6، 8 ، 12، سميت ظفر آباد ۽ ڦهولڙي آبپاشي بنگلا خالي هجڻ سميت فيض گنج واهه جي بيٽ نمبر 01 سميت چئن ئي واهن جون 30 کان مٿي بيٽون خالي پيل آهن.

مقامي زميندارن کان مليل ڄاڻ موجب ڪجهه عرصو اڳ سندن احتجاج سبب گوسڙو ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويو، جيڪي ٻيهر وڌيڪ نذرانو ڏيڻ بعد صورتحا ساڳئي هنڌ وڃي بيٺي ۽ اهڙن ملازمن جون پگهارو جاري ٿي ويون.

ان سلسلي ۾ ايس ڊي او غلام نبي ٻٻر رابطو ڪرڻ تي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس اختيارن هيٺ ڪو به ملازم گوسڙو نه آهي.

نوٽ: ان سلسلي ۾ وڌيڪ اپڊيٽس هن ئي پيج تي جلد پڙهندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *