Tuesday , March 19 2024

خيرپور ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

خيرپور(رپورٽ   سنڌسماءَچار) خيرپور ۾ سب انجنيئرنگ جي نوجوان پٽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ميرواهه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، نوجوان امان الله مري جو لاش خشڪ ڳوٺ ڀرسان ميرواهه ڪئنال مان هٿ ڪيو ويو آهي. خيرپور ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي سب انجنيئر امان الله مري نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ سندس پٽ جنيد زمان ميرواهه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو ڏنو. اطلاع تي وارثن ۽ شهرين لاش جي ڳولا شروع ڪئي پر لاش هٿ نه آيو. نوجوان جنيد زمان جو لاش ڳوٺ خشڪ جي ڳوٺاڻن نوجوان جو لاش لڙهندو ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس ڳوٺاڻن جي مدد سان ميرواهه ڪئنال مان لاش ڪڍڻ بعد سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو. پبلڪ هيلٿ کاتي جي سب انجنيئر امان الله مري نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ سندس پٽ جنيد زمان طور ڪئي.

 پوليس ضروري ڪاروائي بعد لاش نوجوان جي پيءُ حوالي ڪيو، نوجوان لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته نوجوان جي اهڙي قدم علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. نوجوان جي پيءُ امان الله مري  ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس پٽ گريجوئيٽ هو، هن نوڪري نه ملڻ ڪري اڪثر پريشان رهندو هو.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *