Thursday , April 25 2024

خيرپور جي قلم ڌڻي خان محمد سميت 25 ڄڻن جي 15 ڏينهن لاءِ عارضي ضمانت منظور

خيرپور(رپورٽر   سنڌسماءَچار) جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر خان محمد  سميت 5 ڄڻن جي هڪ هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، ڪيس جي ٻڌڻي 26 مئي تي ٿيندي. عدالت خيرپور جي رپورٽر خان محمد، سندس ٻن پٽن عديل احمد، نبيل احمد، ڀاڻيجي ۽ ڪاوش، ڪي ٽي اين نيوز جي ڪمپيوٽر آپريٽر فهيم احمد ۽ ڪيمرامين فياض شيخ جي هڪ هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. ياد رهي ڊي آءِ جي سکر سياسي ونگار وهندي خان محمد خان ۽ سندس پٽن، ڀاڻيجي ۽ ڪيمرامين مٿان صحافي برادري وچ ۾ ٿيل رنجش سبب دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرايو هو. ٻئي طرف خيرپور ۾ صحافين پاران ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو آهي.

جان محمد ناريجو ۽ عامر عباسي جي اڳواڻي م پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. صحافين واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ڊي آءِ جي سکر خادم رند جو اهڙو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي، ٻن صحافي ڀائرن وچ ۾ پيدا ٿيل رنجش کي ختم ڪرڻ بدران سياسي وانگار وهندي صحافين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اهڙو ڪيس فوري طور تي ختم ڪري صحافين ۽ ڪيمرامينن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *