Friday , March 29 2024

خورشيد شاهه! سکر جي سرڪاري اسپتالن ۾ آڪيسجن به ناهي – صحت کاتي جي صوبائي وزير به مامري جو ڪو نوٽيس نه ورتو

SUKUR CHID1

خورشيد شاهه جيڪو صحافين پاران سکر شهر جي تباهي بابت پڇيل سوالن تي چڙي ويندو آهي، سندس شهر جي اسپتالن جي حالت ان مان ظاهر ٿي وئي آهي ته، ڳورهاري عورت کي ڏورانهين علائقي کان چنگچي رڪشي ۾ سکر اسپتال آندو پي ويو ته هُن رڪشي ۾ ئي ٻار کي جنم ڏنو.ٻارڙي کي اسپتال نيون ويو، پر تازو ڄاول ٻارڙو اسپتال ۾ آڪسيجن نه هجڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو به مامري جو اڃا تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. سنڌسماءَچار پاران ساڻس رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هُو مسلسل فون ڪال ڪٽيندو رهيو.

خورشيد شاهه 1988 کان سکر مان ايم پي اي ۽ ايم اين اي چونڊبو رهي ٿو پر اڄ به سکر ضلعي ۽ ان جي تعلقي هيڊڪوارٽرز جي اسپتالن ۾ سهولتن جي حالت اها آهي جو نه ته ويم جون سهولتون آحن ۽ نه وري ايمبولينس جون. ڇنڇر واري ڏينهن لکي غلام شاهه واسڻ ڳورهاري مسمات مسمات حميده جوڳي کي ويم لاءِ لکي غلام شاهه جي تعلقي اسپتال آندو ويو. اسپتال جي عملي ۽ ڊاڪٽر عورت جي وارثن کي ويم نه ڪرڻ جو چئي کين سکر اسپتال منتقل ڪرڻ جي صلاح ڏني.

khursheed shah02

لکي غلام شاهه اسپتال مان جواب ملڻ بعدمسمات حميده جوڳي کي سندس وارث چنگچي رڪشا ۾ سکر اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته سکر شهر ۾ اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي عورت رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏنو. ٻارڙي جي حالت خراب هجڻ سبب کيس اسپتال پهچايو ويو، جتي کيس آڪيسجن لڳائڻي هئي. عورت مسمات حميده زال نواب جوڳي کي نئين ڄاول ٻار جي حالت خراب هجڻ سبب آڪسيجن ڏيڻ لاءِ تازي ڄاول ٻار کي سندس وارث عورتون هنج ۾ کڻي ڊوڙنديون رهيون پر، غريب ۽ بي پهچ والدين جي ٻارڙي کي آڪيسجن نه ملي ۽ تازو ڄاول ٻارڙو زندگي جي جنگ هارائي ويو.

SUKUR CHILDE

سکر: وچ شهر ۾ عورت جو رڪشا ۾ ويم ڪرايو پيو وڃي- سنڌسماءَچار

عورت جي وارثن کي ٻڌايو ويو ته انور پراچا اسپتال پهچايو ويو، جتي موجود ڊاڪٽرن ٻار جو معائنو ڪرڻ بعد کين ٻڌايو ته انور پراچا اسپتال اکين ۽ ڪن، نڪ ۽ گلي لاءِ مخصوص اسپتال آهي، هن اسپتال ۾ ٻارڙن جو ڪو به شعبو ناهي، تنهن ڪري اوهان ٻار کي سول اسپتال کڻي وڃو، جنهن بعد ٻار کي رڪشا ۾ سول اسپتال نيو ويو، جتي به وقت سر آڪسيجن نه ملڻ سبب  تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو. متاثر عورت ۽ فوتي ٻارڙي کي سندس وارث ڳوٺ کڻائي ويا.

عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته لکي اسپتال ۽ سکر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن طرفان تعاون نه ڪرڻ سبب تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿيو آهي، جنهن ڪري صحت کاتو نوٽيس وٺي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري. ٻئي طرف سول اسپتال سکر جي ايم ايس ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جو چوڻ آهي ته سول اسپتال سکر ۾ آڪسيجن نه هجڻ سبب ڪنهن به ٻار جو موت نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو به ٻار لکي غلام شاهه کان سکر سول اسپتال ۾ اسان وٽ ايڊمٽ ڪرايو ويو آهي، تنهن ڪري ان سلسلي ۾ اسان وٽ وڌيڪ معلومات ناهي، اسان به ميڊيا جي ذريعي ٻڌو آهي ته لکي غلام شاهه واسڻ عورت ٻار کي رڪشا ۾ جنم ڏنو آهي، هوڏانهن صحت کاتي جي صوبائي وزير سڪندر منڌرو معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *