Friday , March 29 2024

خورشيد شاهه به سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو گندو پاڻي مهيا ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه اڻ سڌي طرح اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو گندو پاڻي مهيا ٿي رهيو آهي، لاڙڪاڻي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، لاهور ۾ به پيئڻ جو گندو پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي پر سنڌ ۾ ان معاملي تي  ميڊيا اسان تي ڪجهه وڌيڪ مهربان آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نيب چيئرمين مان بهتر اميد رکون ٿا پر سنڌ ۽ پنجاب ۾ احتساب وارو فرق واضع آهي، جنهن جو ثبوت شرجيل ميمڻ وارو ڪيس آهي.

لاڙڪاڻي جي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پاڻي خراب وارو معاملي صرف سنڌ ۾ ناهي پر لاهور ۾ به 100 سيڪڙو پاڻي خراب آهي پر سنڌ ۾ اسان تي ميڊيا مهربان آهي. آمريڪي صدر دنيا کي ٽئين عالمي جنگ طرف ڌڪڻ چاهي ٿو، پر آمريڪي عوام ان سان گڏ ناهي. خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف کي ٽرائيل ۾ وڌيڪ 2 مهينا ملي سگهن ٿا، ٿي سگهي ٿو ته اليڪشن کان 2  مهينا اڳ ڪيس جو فيصلو اچي. اپوزيشن ليڊر چيو ته آصف زرداري کي ڪنهن به لائيف لائين ناهي ڏني، کيس لائيف لائين عوام ڏني آهي. هن چيو ته ڊگريون حاصل ڪندڙ شاگردن کي هاڻي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سياستدانن کي  ووٽرن جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري کين ناراض ڪري نٿا سگهون.خورشيد شاهه چيو ته بلڊنگون ته ٺهن ٿيون پر اتي ملازم به مقرر ڪرڻ گهرجن، ٻي صورت ۾بلڊنگون موهن جو دڙو وانگر ڏيک ڏين ٿيون.ڪانووڪيشن ۾ 350 شاگرد ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *