Thursday , March 28 2024

خديجه کوکر جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ملير ۽ قمبر ۾ احتجاج


www.sindhsamaachar.com
سنڌسماءَچار

ملير/قمبر(رپورٽرز سنڌسماءَچار) بن قسم جي ريلوي ڪالوني ۾ اغوا ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيل نياڻي خديجه عرف خوشي کوکر جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، حراست ۾ ورتل شڪي ماڻهن مان به اڃا تائين ڪنهن جي جوابدار طور سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، قمبر ۽ ملير ۾ نياڻي خديجه جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري. معصوم نياڻي خوشي کوکر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان قمبر- شهدادڪوٽ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي جي نتيجي ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ رڪجي وئي. خديجه عرف خوشي کوکر جي پيءُ منظور کوکر ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ شام ڌاري سندس ڌيءَ خديجه بتول شئي وٺڻ لاءِ گهران نڪتي ته واپس نه موٽي، ڳولا ڪرڻ بعد هڪ خالي جڳهه جي ٽانڪي مان سندس تشدد ٿيل لاش مليو. هن ٻڌڏايو ته سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آهي، خبر ناهي ته ڪنهن ۽ ڇو سندن نياڻي کي وحشت جو نشانو بڻائي کائنس حياتي کسي ورتي. هن شڪ ڏيکاريو آهي ته، شايد سندس نياڻي جوابدارن کي سڻي ورتو هو، جنهن ڪري کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو.

هن چيو ته محسوس ٿي رهيو آهي ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري ۾ سنجيدگي نه ٿي ڏيکاري، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪندي منظور کوکر چيو ته، چيف جسٽس احمد علي شيخ معاملي جو نوٽيس وٺي نياڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرائڻ لاءِ ڪيس جي نگراني ڪري. ملير ۾ سول سوسائٽي، صحافين، اديبن صحافين مشتاق سرڪي، ماجد سمون، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين نينگري جي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *