Thursday , March 28 2024

خدا جو قسم! مونکي اقتدار پنهنجي لاءِ نه کپي: بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal dadu 01

پاڪستان پيلپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، خدا جو قسم آهي ته مونکي اقتدار پنهنجي لاءِ نه ٿو کپي، مان اقتدار پنهنجي ذات لاءِ نه ٿو چاهيان، پر اقتدار عوام جي لاءِ چاهيان ٿو. هي ملڪ نون ليگ ۽ پي ٽي سميت ڪنهن به رجعت پسند قوت جو نه پر جمهوريت ۽ ترقي پسند عوام جو ملڪ آهي.

دادو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نون ليگ جنرل ضياءَ ۽ پي ٽي آءِ جنرل پرويز مشرف جي ريفرينڊمز جي پيداوار آهن، انهن کي صرف اقتدار کپي عوام، ملڪ ۽ قوم سان سندن ڪجهه نه وڃي. بلاول ڀٽي زرداري چيو ته هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي ڇو جو شهيد ڀٽو جو ڏوهٽو يعني هُو پاڻ اچي ويو آهي. پ پ چيئرمين هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قسم کڻندي چيو ته “خدا جو قسم آهي ته مونکي اقتدار پنهنجي لاءِ نه ٿو کپي، خدا جو قسم مان پنهنجي لاءِ اقتدار نه ٿو چاهيان، پر مونکي اقتار عوام جي لاءِ کپي ٿو”. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي  عوام جي جيتري خدمت پيپلز پارٽي ڪئي آهي ايتري خدمت ڪنهن به ناهي ڪئي. عمران خان پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته کيس سنڌ جي لاءِ ٽائيم ئي نه هو پر هاڻي وري هُو سنڌ جا چڪرلڳائي رهيو آهي.

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو قبول نٿا ڪيون، اهو فيصلو نه ظلم آهي، بينظير ڀٽو رڳو منهنجي ماءُ نه پر غريب عوام جو سهارو هئي، سندس قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي. بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مجرماڻي غفلت تي پوليس اهلڪارن کي سزا ڏني وئي پر انهن کي حڪم ڏيندڙن جو ڪيس ۾ نالو نشان ئي ناهي، سڀ کان وڏو سهولتڪار مشرف آهي ۽ اهو ملڪ کان فرار آهي. هن چيو ته ميان صاحب پاڻ نااهل ٿي ويو ۽ نااهلن جي فوج ڇڏي ويو، هاڻوڪي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻو قرض ورتو، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان دفن ڪري ڇڏيو، ميان صاحب! ڪجهه شرم هوندو آهي، ڪجهه حيا هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ غربت وڌي وئي آهي، ن ليگ جي حڪومت معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، انهن وٽ ملڪ سنڀالڻ جي صلاحيت ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ وارن کي رڳو اقتدار جي بُک آهي، حڪمرانن کي ملڪ ۽ عوام جي ڪا به ڳڻتي ناهي، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف آمريت جي پيدوار آهن، عمران خان سنڌ جو عوام توهان جي دوکي ۾ نه ايندو. پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ نواز شريف جو نه، 20 ڪروڙ عوام جو آهي، پ پ عوام جي پارٽي آهي، سنڌ خلاف ناڪاري پروپئنگڊا ٿي رهي آهي، وفاقي حڪومت اسان جا فنڊ روڪيندي آهي، ان باوجود ترقياتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهن. هن دعويٰ ڪندي چيو ته  تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، نيون اسپتالون ٺاهيون ويون آهن، مختلف شهرن ۾ دل جي مرضن جون اسپتالون ٺاهي رهيا آهيون، ڪراچي ۾ نوان انڊر پاس ٺهي رهيا آهن، شهر جا روڊ رستا خوبصورت شاهراهه بڻجي ويا آهن، اسان نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي، سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪم ڪنهن کي به نظر نٿو اچي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *