Friday , March 29 2024

خبر ناهي ڇو وفاقي سرڪار دهشتگردن جي سهولتڪاري ۾ ملوث مدرسن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري..؟ مراد علي شاهه


ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ دهشتگرد پنجاب ۽ بلوچستان مان اچن ٿا، خبر ناهي ته وفاقي سرڪار دهشتگردن جي سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ ۾ موجود مدرسن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪري ۽ انهن مدرسن کي واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ پرڏيهي سروس اڪيڊمي جي 29 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت دهشتگردن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ملوث 96 مدرسن جي لسٽ وفاق حوالي ڪئي هئي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو چيو هو. افسوس آهي ته سنڌ حڪومت جي انهن تجويزن تي وفاقي سرڪار ڪو به عمل نه ڪيو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته، خبر نه ٿي پوي ته آخرڪ وفاقي سرڪار دهشتگردن جي سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪندڙ مدرسن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪري. انهن مدرسن خلاف ڪارروائي ته ٺهيو پر انهن کي واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ به وفاق تيار ناهي.

مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پنجاب سان گڏ بارڊر تي سيڪيورٽي جو خاص بندوبست ڪيو آهي، سنڌ ۾ دهشتگرد بلوچستان جي بارڊر کان اچن ٿا. وڏي وزير چيو ته، ڪراچي آپريشن ۽ نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪم ڪري شهر ۾ امن ڪرايو آهي، آپريشن ۾ هڪ لک 28 هزار 218 جوابدار گرفتار ڪيا ۽ هڪ هزار 2 سئو 18 مختلف ڏوهن ۾ ملوث ڏوهاري ۽ دهشتگردمارجي ويا. هن چيو ته هاڻي ڪراچي ۾ امن امان کي پائيدار بڻائڻ جو چئلينج آهي. سنڌ امن واري ۽ صوفين جي ڌرتي آهي، ان ڌرتي جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ برباد ٿي ويا، هاڻي ڌرتي جي خوشحالي جو دور آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *