Friday , March 29 2024

خانپور ۾ تيغاڻين ۽ بجاراڻين ۾ جيهڙو، ٻن زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا

خانپور( رپورٽ   سنڌسماءَچار) خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾  تيغاڻين ۽ بجاراڻين ۾ پراڻي تڪرار وري ڪرُ کنيون آهي، ڌرين ۾ آمهين سامهين فائرنگ جي نتيجي ٻه ڄڻا کولين جي بک بڻجي ويا، ڳوٺ تي راڪيٽن سان حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڳوٺاڻا ۽ هڪ حملي آور مارجي ويو، ٻن ٻارڙن سميت ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڪچي جي ڳوٺ مھراڻ بجاراڻي تي هٿياربندن ڪاهه ڪري راڪيٽن سان حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي. هٿيار بندن جي حملي دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڳوٺاڻا شاھنواز بجاراڻي ۽ سندس 20 ورھين جو ڀاڻيجو ميانداد بجاراڻي مارجي ويا، جڏهن ته دوست محمد بجاراڻي، جليل بجاراڻي ۽ ٻن معصوم ٻارڙن سميت 4 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ حملي آور نانو تيغاڻي مارجي ويو ۽ اڪبر تيغاڻي، نواب تيغاڻي ۽ رجب تيغاڻي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي سندن ساٿي کڻي ويا.اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول ڳوٺاڻن جا لاش تحپويل ۾ وٺڻ بعد تعلقه اسپتال خانپور منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.زخمي ڳوٺاڻن جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين سکر جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.واضح رهي ته 4 سالن کان تيغاڻي بجاراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان 30 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *