Thursday , April 18 2024

خاموش رهڻ لاءِ نوابشاهه جون انتهائي بااثر شخصيتون ۽ پوليس جا اهم آفيسر دٻاءُ وجهي رهيا آهن:فرزانا جو چاچو

نوابشاهه (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) وي سي ارشد سليم آرائين ۽ پروفيسر عامر خٽڪ کي بچائڻ لاءِ نوابشاهه جون اهم شخصيتون، پوليس آفيسرز ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو سرگرم ٿي ويا آهن، فرزانا جمالي، سندس ڪٽنب ۽ همدردن تي مختلف طريقن سان دٻاءُ وجهڻ شروع ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي پروفيسر عامر خٽڪ هٿان مبينه جنسي طور هيسايل انگريزي شعبي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي ۽ سندس خاندان جو چوڻ آهي ته، کين هسيائڻ لاءِ نوابشاهه جون بااثر ڌريون ۽ نوابشاهه پوليس جا اهم آفيسر ۽ ٻيا عملدار سرگرم ٿي ويا آهن. فرزانه جمالي ۽ سندس ڪٽنب جو ساٿ ڏيندڙ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن  تي پوليس پاران ڌمڪائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ نياڻي فرزانه جمالي جي چاچي اقبال جمالي چيو ته اسان شروع کان ٻڌايو پي ويو ته، وي سي ارشد سليم آرائين ۽ عامر خٽڪ انتهائي بااثر آهن، جن کي ڪير به ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، ڪيس تان هٿ کڻائڻ ۽ خاموش ٿيڻ لاءِ اهي ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي شروع کان اهو چيو پئي ويو ته، اسان کي دهشتگردي جي ڪيسن ۾ ڦاسائيندا هنن اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي معصوم ڀائيٽي کي  ڌماڪي جي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي. اقبال جمالي چيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرڻ لاءِ قانوني مشورا مڪمل ڪري ورتا آهن، ۽ اميد آهي ته هاءِ ڪورٽ مان اسان کي انصاف ملندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *