Friday , March 29 2024

حيدر آباد ۾ هفتو اڳ قتل ٿيل عورت جي قاتل سندس نڻان نڪتي، قتل جو اعتراف

حيدر آباد( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) هفتو اڳ پر اسرار نموني قتل ٿيل عورت وارو معمو حل ٿي ويو آهي، پوليس مارجي ويل عورت جي نڻان ۽ ان جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدارن قتل جو اعتراف ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار منصب ناري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي هن ناري کي قتل ڪري لاش واهه ۾ اڇلايو هو، جوابدارن جاچ دوران قتل جو اعتراف به ڪيو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هفتو اڳ بلديا واري علائقي ۾ قتل ٿيل ناري حنا جي قتل جي جاچ کانپوءِ ان جي قتل ۾ سندس نڻان رخسانه ۽ ان جو مڙس منصب  ملوث نڪتا آهن.

ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته  مقتول ناري جي نڻان رخسانه ۽ سندس مڙس منصف لوڌي حنا کي قتل ڪرڻ جو  اعتراف به ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي قتل ڪرڻ بعد ان جي جسم  جا عضوا ڌار ڌار ڪري  چينل واهه ۾ اڇلايا ويا هئا، ڪجهه ڏينهن اڳ ان جي منڍي هٿ آئي هئي ۽ اڄ ان جي هڪ ڄنگهه هٿ آئي آهي. مقتول ناري حنا جي مڙس 12 مئي تي بلديا ٿاڻي تي زال جي گمشدگي جي اين سي داخل ڪرائي هئي. پٿورو ۾ هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري گوليون هڻي نئين پرڻيل جوڙي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جوڙي ڪجهه عرصو اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو. پٿورو ٿاڻي ڀرسان هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان رشيد راجپوت ۽ سندس زال سونيا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته نسرين زخمي ٿي پئي. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پٿورو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيا. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو. مقتول جوڙي ڪجهه وقت اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *