Tuesday , March 19 2024

حيدرآباد ۾ بلڊرز کي اين او سيز جاري ڪرڻ جي جاچ شروع

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد سنڌ سماءَچار) نيب پاران حيدرآباد ۾ بلڊرز جي مختلف رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيمن جي زمينن جي الاٽمينٽ ۽ اڏاوتن ۾ ٿيل بي ضابطگين جي جاچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي حيدرآباد ريجن جي 13 عملدارن کي نوٽيس جاري. سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، نيب ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو خلاف جاچ جي دائري کي وڌائي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حيدر آباد ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ هائوسنگ سوسائٽيز، پلازائن سميت مختلف رهائشي منصوبن جي زمينن ۽ پلاٽن جي الاٽمينٽس، ڪئٽيگرين کي تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، گذريل 10 سالن دوران لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو گهڻ ماڙ رهائشي پلازائن جي اصل نقشن جي ابتڙ اڏاوتون ڪيون ويون آهن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، نيب نه رڳو ڄام خان شورو پر 15 سالن دوران مڪاني ادارن واري کاتي جي پزيرن سان گڏ ان جي ماتحت ادارن جي حيدرآباد ۽ ڄامشورو ريجن جي آفيسرز کي به جاچ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. ان ئي سلسلي ۾ ابتدائي طور تي ايس بي سي اي جي عملدارن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي. ذريعن اها به دعويٰ آھي ته ان سلسلي ۾ ڪجهه صحافين کان به پڇاڳاڇا ٿي سگهي ٿي پر ان بابت نيب اڃا حتمي فيصلو نه ڪري سگهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *