Thursday , April 18 2024

حميد الدين سيالوي کي وڏي ناڪامي؛ ن ليگ جي 30 پارليامينٽيرين جو استعيفائن کان کتو جواب

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) ملڪ جي بدلجندڙ سياسي صورتحال سبب ختم نبوت صه واري معاملي تي ح۾يد الدين سيالوي جي چوڻ تي (ن) ليگ جي 30 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن استعيفائون ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ختم نبوت صه واري معاملي کي ڍال بڻائيندڙ تي پير حميد الدين سيالوي جي اثر هيٺ رهندڙ ۽ سندس دعويٰ مطابق (ن) ليگ جي 30 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن استعيفائون ڏيڻ جو ارادو تبديل ڪندي ايندڙ اليڪشن ۾ به (ن) ليگ سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب پير حميد الدين سيالوي کي استعيفائن جي خاطري ڪرائيندڙن ۾ محمد وارث ڪلو، عبدالرزاق ڍلون، مناظر حسين رانجها، مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه، رجب علي بلوچ، چوڌري حميد، ڊاڪٽر ذوالفقار ڀٽي، شيخ اڪرم، ملڪ شاڪر اعواڻ، شفقت حيات بلوچ ۽ ٻيا شامل هئا، جن مان پنجاب اسيمبلي جي چئن ميمبرن ۽ قومي اسيمبلي جي ٻن ميمبرن استعيفائون ڏنيون آهن. حميد الدين سيالوي جي دعويٰ مطابق باقي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي (ن) ليگ سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

گجرانوالا جي شيرانوالا باغ ۾ ختم نبوت صه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پير حميد الدين سيالوي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ 31 ڊسمبر جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پير حميد الدين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جيڪو هنن نه پاڙيو آهي، 31 ڊسمبر تائين هنن استعيفائون نه ڏنيون ته ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ کي ووٽ نه ڏنا ويندا، پير سيالوي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کان واعدو ورتو ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ کي ووٽ نه ڏيندا، هن چيو ته ختم نبوت صه جي تحفظ لاءِ مون کي جان جي قرباني ڏيڻي پئي تڏهن به ان کان پاسو نه ڪندس.ان موقعي تي تحريڪ لبيڪ جي امير ڊاڪٽر اشرف جلالي خطاب ڪندي چيو ته عوام بجلي ۽ گئس جهڙن مسئلن کي برداشت ڪري سگهي ٿو پر ختم نبوت صه معاملي تي ڪير به سوديبازي نه ڪندو، حڪومت پاران گوڏا کوڙڻ تائين تحريڪ جاري رهندي، 4 جنوري تي داتا درٻار لاهور کان پنجاب اسيمبلي تائين مارچ ڪيو ويندو. سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا چيو ته اسين اهڙي پارليامينٽ کي نٿا مڃون، جتي عقيده ختم نبوت صه خلاف سازش ڪئي وئي هجي.a

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *