Friday , April 19 2024

هڪ ٻئي جي آئيني اختيارن ۾ مداخلت ملڪ لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي: رضا رباني

ڪراچي (سنڌ سماءَ چار نيوز) اسٽبلشمينٽ 18 هين آئيني ترميم تحت مليل حق کسڻ چاهي ٿي، هڪٻئي جي ڪم ۾ غير آئيني مداخلت ملڪ لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، سينيٽ چيئرمين رضا رباني ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سيمينار کي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي، اُهي سڀ اسٽبلشمينٽ ۽ غير جمهوري قوئتن جا حربا آهن. 2018ع ۾ هڪ اسيمبلي ٻي چونڊيل اسيمبلي کي اقتدار منتقل ڪندي، هن چيو ته اڄ ڪلهه ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. آءُ جڏهن به غير آئيني عمل جي ڳالهه ٻڌندو آهيان ته دل رت جا ڳوڙها روئيندي آهي. رضا رباني چيو ته احتساب کانسواءِ ڪو به معاشرو يا ملڪ ناهي هلي سگهندو، احتساب جي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سياستدانن سڀني جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب ٿيڻ گهرجي، رضا رباني جو چوڻ آهي ته افسوس جي ڳالهه آهي ته رياست پرويز مشرف کي عدالت ۾ ناهي آڻي سگهي، جيڪو اڄ ٻاهر ويهي پاڪستان جي سياست تي تبصرا ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *