Tuesday , April 16 2024

حسين نواز جي تصوير تي ايڏو هُل ڇو پيو ڪيو وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal Hussain-Nawaz-leaked-picture

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حسين نواز جي تصوير ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالھ آهي؟ جو ايڏو هُل ڪيو پيو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري حسين نواز جي تصوير بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جي آءِ ٽي آڏو پيشي واري تصوير ۾ حسين نواز باعزت طريقي سان ڪرسي تي ويٺل آهي، قانون جي حڪمراني جا دعويدار تصوير مان مظلوميت ظاهر ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ٽيبل تي هر شيءِ موجود آهي، ميز تي ٽشو پيل آهن، جن سان پگهر اگهندو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته تصوير ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ناهي، جنهن سان سندس مظلوميت ثابت ٿئي، ٻئي طرف لاهور ۾ پارٽي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته اها پارٽي ختم نٿي ٿي سگهي، جنهن جو بنياد هڪ نظريي تي هجي، هن چيو ته اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، جعلي شينهن کان گهٻرائڻ وارا ناهيون، بلاول ڀٽو چيو ته ڪپتان ۽ تخت رائيونڊ وارن کي ٻڌائينداسين ته پيپلز پارٽي جي طاقت ڇا آهي، هن چيو ته عوام جي طاقت سان هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ۾ اينداسين، جيڪي اڳواڻ پارٽي ڇڏي وڃي رهيا آهن، انهن جي پرواهه ناهي، اهڙن ماڻهن جي نه بينظير ڀٽو کي پرواهه ۽ نه وري مون کي پرواهه آهي، اسين ڪارڪنن سان گڏ ۽ ڪارڪن اسان سان گڏ آهن، ڪارڪن تياري ڪن، عيد کانپوءِ هر شهر جو دورو ڪندس.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *