Tuesday , April 23 2024

”جڏهن مان ڪراچي مان پهريون ڀيرو سنڌ لاءِ نڪري رهيو هان/هيس“ آصف زرداري

ڪراچي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري به ڌارين جيان ڪراچي اور سنڌ واري ڳالهه چئي رهيو آهي. اهڙي ڳالهه آصف زرداري ارو چئنل جيو نيوز جي اينڪر پرسن سليم صافي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چئي آهي. سليم صافي جي نئين سوشل ڪانٽريڪٽ بابت هڪ وضاحت ۽ ان سان گڏ سوشل ڪانٽريڪٽ بابت سوال ڪيو، جنهن جي جواب ۾ آصف زرداري مسڪرائيندي چوي ٿو ته، ” آپ ايسا ڪرين نيٽ پر بٽن دبائين، جب مين پهلي مرتبا ڪراچي سي نڪل رها ٿا، (اتي سندس زبان ڪجهه اٽڪي ٿيا يا ڪجهه ياد ڪرڻ چاهي ٿو) مين ڪراچي سي نڪل رها هون اور مين آ رها هون سنڌ ۾ نڪل رها هون“.

آصف زرداري سليم صافي کي جواب ۾ چوي ٿو ” توهان هيئن ڪيو نيٽ تي بٽڻ دٻايو، مان جڏهن پهريون ڀيرو ڪراچي مان نڪري رهيو هيس، اچي رهيو هئس سنڌ جي طرف، ته مان به چيو هو ته صوبا به هاڻي نئون سوشل ڪانٽريڪٽ چاهين ٿا“.

ايم ڪيو ايم ۽ اردو ميڊيا ته ڪراچي اور سنڌ چوندا رهندا آهن، پر هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پارليامينٽيرينز) / پ پ پ (پ) جنهن کي فور پيز چوندا آهن ان جو چيئرمين آصف علي زرداري به اها ئي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، جيڪا ايم ڪيو ايم وارا ڳالهائين ٿا. نه رڳو ايترو پر سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر پ پ سينيٽر شيري رحمان به اهڙو ئي راڳ ڳائين پيا.

هي لاڳاپيل خبر به پڙهندا

لياقت آباد ۾ پ پ جو جلسو: رضا رباني ۽ شيري رحمان تقرير دوران ”ڪراچي اور سنڌ“ چوندا رهيا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *