Friday , March 29 2024

جي ڊي اي سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، گهوٽڪي جلسي جو اعلان

جي ڊي اي سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، گهوٽڪي جلسي جو اعلان

جي ڊي اي سنڌ ۾ غيرآئيني طريقي سان تبديلي جي مخالفت ڪري ڇڏي

سنڌ ۾ قائم پيپلز پارٽي مخالف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جي ڊي اي 27 هين جنوري تي خانڳڙهه ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خانڳڙهه ۾ پير پاڳاري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جي ڊي اي سنڌ ۾ ڪنهن به غير آئيني طريقي سان ٿيندڙ تبديلي جو حصو نه بڻجندو. خانڳڙهه ۾ پيرپاڳاري جي صدارت هيٺ جي ڊي اي جي اجلاس کانپوءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي ڪنهن به غير جمهوري عمل جي حمايت نه ڪندو. جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري جي صدارت ۾ خانڳرهه ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايم پي اي علي گوهر خان مهر، صدرالدين شاهه، اياز لطيف پليجو، حسنين مرزا، ارباب غلام رحيم، عرفان الله مروت، غلام مرتضي جتوئي، غوث بخش خان مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته، جي ڊي اي سنڌ ۾ حڪومت هٽائڻ لاءِ اِن هائوس تبديلي جي ڪوشش ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. غيرقانوني طريقي سان حڪومت ھٽائڻ واري عمل جي حمايت نه ڪئي ويندي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ان ھائوس تبديلي جي حمايت ڪئي ويندي، جڏهن ته  12 ايم پي اي علي گوھر مھر ۽ پيرپاڳاري سان رابطي ۾ آهن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته گهوٽڪي جي سالياني 10 ارب رايلٽي ٺهي ٿي، سنڌ سرڪار ٻڌائي ته اسان جا اربين رپيا ڪيڏانهن ويا اڳواڻن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خانڳڙهه آمد تي جي ڊي اي جو وفد ساڻس ملاقات ڪري مطالبا پيش ڪندو. هنن چيو ته پيپلزپارٽي وٽ ايترا ماڻھو ناھن جو ھو اسلام آباد ڏانھن وڃن، هو ته گھوٽڪي نٿا اچي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *